مختصر خبرون

موجوده حڪمرانن کي عوام جي ڪائي فڪر ناهي، جي يو آءِ

سکر (بيورورپورٽ) جي يو آءِ روهڙي تعلقي ۽تمام يوسيز جي عهديدارن جو هڪ اهم اجلاس جامع مسجد مال پڙي ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت تعلقي جي امير مولانا عبدالڪريم عباسي ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي مهمان خصوصي جي يو آئي جو سينيئر اڳواڻ آغا سيد ايوب شاهه هيو، اجلاس ۾ مولانا عبدالحق مهر، قاري عبدالغفار سومرو، حافظ غلام مصطفيٰ ٻرڙو، مولانا عيسيٰ گهنيو، قاري عطاءُالله عباسي، حافظ محمد صالح مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ايندڙ اليڪشن جي سلسلي ۾ ٿيڻ وارين تيارين جو جائزو ورتو ويو، جنهن کي اطمينان بخش قرار ڏيندي، اليڪشن جي تيارين کي وڌيڪ تيز تر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ۽ پوري تعلقي کي پينا فليڪس ۽ جمعيت جي جهنڊن سان سجائڻ جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڪر اچي ۾ ٿيڻ واري ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن، بي گناهه ماڻهن ۽ طلبه جي قتل جي واقعن جي شديد مذمت ڪندي، حڪومت کان هڪ قرارداد جي ذريعي مطالبو ڪيو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، اجلاس جي آخر ۾ خطاب ڪندي مولانا عبدالڪريم عباسي، آغا سيد ايوب شاهه ۽ ٻين پاران موجوده حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته موجوده حڪمران ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آهن، هنن چيو ته جي يو آئي موجوده حڪمرانن کي عوام جي ڪائي فڪر ناهي، بلڪه انهن کي پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي فڪر آهي، جي يو آئي جي اڳواڻن چيو ته موجوده حڪمرانن تارخ جي بدترين ڪرپشن ۽ بي پناهه لٽ مار ڪري عوام ۽ ملڪ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي، موجوده دور حڪومت ۾ مهنگائي جي سطح بدترين حد تائين پهچي وئي آهي، عوام ۽ غريبن جي زندگي اجيرن بڻجي وئي آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته موجوده حڪمرانن کان جان ڇڏائي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button