مختصر خبرون

معصوم نينگر رافع ميمڻ اڃان تائين بازياب نه ٿي سگھيو

هنڱورجا مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر رافع ميمڻ 31 ڏينهن گذري وڃڻ با وجود اڃا تائين پوليس انتظاميه کيس کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي جڏهن ته نينگر جي گهر ۾ اڃا تائين ڪهرام متل آهي سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا آهن ۽ هو ذهني توازن وڃائي ويٺي آهي سندس والد حمادالله ميمڻ ٻڌايو ته هو پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري ننيگر جي بازيابي لاءِ الله پاڪ جي دربار ۾ ٻاڏائي رهيا آهيون ته ظالمن کي ڪو رحم اچي ۽ منهنجي معصوم نينگر کي آزاد ڪن ۽ ٻئي پاسي نينگر جي بازيابي لاءِ جسقم ڪارڪنن يوسف سنڌي ، فياض سولنگي ، زاهد شاهه جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ۽ نينگر جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button