مارچ ۾ ڌمال ٿيندي، اپريل ۾ اليڪشن ٿيندي، منظور حسين وساڻ
خيرپور: صوبائي وزير جيل خانه ۽ معدنيات منظور حسين وساڻ چيو آهي ته مارچ ۾ ڌمال ٿيندي، جڏهن ته اپريل ۾ اليڪشن ٿيندي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا آهن جن جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوٽڏيجي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي جي 70 لک روپين جي لاڳت سان نئين تعمير ٿيل آفيس بلڊنگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ماضي ۾ خاص طور تي ڪوٽڏيجي ۾ ڪو به خاص ترقياتي ڪم نه ٿيو هو، جڏهن ته موجوده پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ ڪوٽڏيجي اندر عوام کي ترقياتي ڪمن جا تحفا ڏنا ويا آهن ۽ ڪوٽڏيجي قلعي جي ڀرسان هڪ خوبصورت ريسٽ هائوس قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪوٽڏيجي ۾ تاريخي قلعو آهي ۽ ڪوٽ ۽ ڏيجي جي پڻ هڪ الڳ تاريخ ۽ اهميت آهي ۽ انهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پڻ موجوده حڪومت پاران ڪوششون ورتيون پيون وڃن. صوبائي وزير چيو ته ڪوٽڏيجي شهر ۾ مختيار ڪار جي آفيس ته موجود هئي پر ايس ڊي ايم جي آفيس شهر کان ٻاهر هئي، تنهن ڪري شهرين کي تمام تڪليف سان منهن ڏيڻو پوندو هو ۽ هاڻي مختيار ڪار جي آفيس سان گڏوگڏ اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس قائم ڪري عوام جي لاءِ سهولت پيدا ڪئي وئي آهي، هن چيو ته گذريل 5 سالن ۾ پيپلزپارٽي پاران ملڪ توڙي صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو ويو. منظور حسين وساڻ چيو ته ملڪ ۾ ڪافي مسئلن جي هوندي پيپلزپارٽي جي موجوده حڪومت پنهنجا 5 سال پورا ڪري رهي آهي، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت خلاف ڪافي واويلا ڪئي وئي پر انهن کي ناڪاميون نصيب ٿيون، هن وڌيڪ چيو ته نون صوبن جي حوالي سان عوام جي طاقت سان چونڊيل ايندڙ حڪومت فيصلا ڪندي، جڏهن ته سنڌ آهي ته پيپلزپارٽي آهي ۽ پيپلزپارٽي آهي ته سنڌ آهي، هن چيو ته سنڌ جي پراڻي جاگرافي ڪشمير کان ڪراچي ۽ ڪشمور تائين هئي ۽ بلوچستان جو ڪجهه حصو پڻ سنڌ صوبي ۾ شامل هو.ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو ته هو 88ع کان وٺي اليڪشن کٽيندو ٿو اچي، جڏهن ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي ڪنگري، نارو ۽ ڪوٽڏيجي مان سيٽون کٽيندي، هن چيو ته اليڪشن اپريل ۾ ٿيندي، جڏهن ته ڌمال مارچ مهيني ۾ ٿيندي ۽ ماضي ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌليون ۽ ٻه ڀيرا ووٽ ڪاسٽ ٿيندا هئا جڏهن ته هاڻي اهو وقت گذري چڪو آهي ۽ پيپلزپارٽي عوام جي طاقت سان ٻيهر اقتدار ۾ ايندي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي رياض حسين وساڻ آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ۽ صوبائي وزير منظور حسين وساڻ، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حسين سانگي ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر طارق حسين نظاماڻي کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ويا. تقريب کي خطاب ڪرڻ کان اڳ جيلن ۽ معدنيات جي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ 70 لک روپين جي لاڳت سان نئين تعمير ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي جي آفيس جي عمارت جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور، اي ڊي سي خيرپور، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي، ڊي او بلڊنگس رياض مڱڻهار، منور حسين وساڻ، پرويز حسين وساڻ، ايڊمنسٽريٽر ڪوٽڏيجي مٺل ڪانڌڙو ۽ پيپلزپارٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.