مختصر خبرون

لاڙڪاڻو: سپاف پنجين ڏينهن به ضلع صدر غني جتوئيءَ خلاف احتجاجي ريلي

بختيار بگٽي، لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو سپاف سٽي طرفان پنجين ڏينهن به ضلع صدر غني جتوئيءَ خلاف ڪئنيڊي مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي larkano media فورم آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن جي اڳواڻي ضلع رابطه سيڪريٽري محمد اسحاق تنيو، شريف شيخ، حزب الله ابڙو، غلام علي گوپانگ، نانگ تنيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي مشريل ڪارڪنن ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڏيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي هنن ٻڌايو ته 50 سالا جو پراڻو پوڙهو شخص سرڪاري ملازم غني جتوئي قابلي قبول ناهي ان کي فوري طور هٽايو وڃي ان خلاف ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڪيتريون ئي نوڪريون وڪرو ڪيون آهن ان جي به جاچ ڪرائي وڃي هنن اڌي فريال ٽالپر ۽ اياز سومرو کي اپيل ڪئي آهي ته سندس مٿان قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button