سکر

فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ جو جلسو ڪوئيٽا جي سانحي سبب ملتوي

عمرسومرو،سکر
Quetta incident protest PML Fپيرسائين پاڳاري جي حڪم تي ڪوئيٽا سانحي سبب سکر ۾ رٿيل فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ جو جلسو ملتوي، ڪارڪنن جا آيل قافلا واپس تيار ڪيل بنڊال ۾ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندوخبر موجب ڪالهه سکر ريلوي اسٽيشن سامهون ريلوي گرائونڊ ۾ پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ريلوي ڊويزن طرفان رٿيل ورڪز ڪنوينشن فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير سائين پاڳاري جي حڪم تي ڪوئيٽا سانحي سبب وارثن سان اظهار يڪجهتي خاطر ملتوي ڪيو ويو صبح سان ئي سنڌ جي مختلف شهرن مان جلسي گاهه ۾ ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ پهچي رهيا هئا ته جلسي جو انتظام ڪندڙ قيادت کي جلسو ملتوي ڪرڻ جو حڪم مليو جنهن بعد پير سائين پاڳاري، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن جي تصويرن ۽ پارٽي جي جهنڊن سان سينگاريل پنڊال ۾ جمع ٿيل ڪارڪنن جي وڏي تعداد کي اعلان وسيلي واپس موڪليو ويو ان موقعي تي پنڊال ۾ فنڪشنل ليبر ونگ صوبائي صدر ليبر ونگ ڪامريڊ نثار ابڙو پنهنجي ساٿين صوبائي جنرل سيڪريٽري الطاف الرحمٰن ميمڻ،مهراڻ عباسي ،منصورجلباڻي،حضور بخش مهرريلوي ڊويزن سکر جي صدر محمد حنيف جوڻيجو جنرل سيڪريٽري غلام نبي مهر ، سيد گل حسن شاهه ، غلام قادر،ايم ايس ايف اڳواڻ رياض احمد ڪلهوڙو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پير صاحب جي حڪم سبب اسان ڪوئيٽا سانحي تي يڪجهتي طور جلسو ملتوي ڪيو بعد ۾ ساڳيو پروگرام بعد ۾ڪيو ويندو هن فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻن سان ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي رابطي واري سوال تي چيو ته اسان جي اعليٰ قيادت چٽو موقف رکيو آهي جيڪي صلاح مشوري سان اهڙو فيصلو ڪندا جيڪو سنڌ ڌرتي جي مفاد ۾ هوندو .واضع رهي ته سکر اسٽيشن سامهون جلسي گاهه کي نه رڳو خوبصورت انداز م سجايو ويوهو بلڪي هزارين ماڻهن جي ويهڻ جا انتظام ڪيا ويا هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button