رانديون

غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ راندين وارو هفتو پڄاڻي تي پهتو

GMCسکر، سکرجي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ راندين وارو هفتو پڄاڻي تي پهتو ان موقعي تي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومرو رانديگرن توڙي مقابلن جي آرگنائيزرن ۾ ٽرافيون ورهائڻ بعد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته تعليمي سرگرمين سان گڏ رانديون پڻ پڙهائي جو حصو آهن ان سان شاگردن جي ذهني توڙي جسماني صلاهيت بهتر ٿئي ٿي، وائيس چانسلر اسپورٽس هفتي ۾ وونر ۽ رنر رانديگرن لاءِ لاڙڪاڻو ڪيمپس ۾ کاڌي جي دعوت جو انتظام ڪرڻ کان سواءِ شاگردن کي اسپورٽس ۽ جم جي سهولت ڏيڻ لاءِ هڪ لک روپين جو اعلان پڻ ڪيو بيڊ منٽن جيڊبل مقابلي ۾ آصفه حسين،ثمرين صبه،حنا ميمڻ،بيبي گل، فٽبال ۾ حميد شر ارسلان،اشفاق ميمڻ،ولاي بال ۾ ساجد حسين،شاهد ميمڻ، ڪرڪيٽ ۾ اعجاز شيخ ۽ ٻين ۾ ٽرافيون ورهايو ويون جڏهن ته مقابلن ۾ سڀ کان پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ 7 بيچ کي ڪاليج جو چيمپين قرار ڏنو ويو تقريب ۾ چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر الطاف ميمڻ.ڊاڪٽر فيصل قاضي،ڊاڪٽر اشرف ميمڻ ۽ ٻين ۾ شيلڊون ورهايو ويون ۽ سندن ڪاوشن جي ساراهه ڪئي وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button