سکر

عمران خان ۽ طاهر القادري کانپوءِ هاڻي اسان کي ٽئين جو انتظار آهي، نواز شريف

عمر سومرو،سکر

نواز شريف سکر ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي
نواز شريف سکر ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي
مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته عمران خان ۽ طاهر القادري کانپوءِ هاڻي اسان کي ٽئين جو انتظار آهي، صدر زرداري مون وٽ اچي رهيو آهي، ان جومون کي علم ڪونهي توهان ٻڌائي رهيا آهيو، بلوچستان ۾ گونر راڄ جي حوالي سان هن چيو ته هاڻي ڪجهه چوڻ قبل از وقت هوندو، جڏهن صورتحال واضع ٿي ويندي تڏهن هي ڪجهه چئي سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنڊيارو روانگي ٿيڻ کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿو پر ڪجهه قوتون جيڪي سمجهن ٿيون اهي سياسي طور تي ڪمزور ٿي ويون آهن، اهي چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهن ٿيون، جنهن جو اندازو اليڪشن ڪميشن کي به آهي، ڪراچيءَ ۾ نيون تڪ بنديون ۽ ووٽر لسٽن جي درستگيءَ جو مطالبو جائز آهي، پر ڪجهه مطالبا اهڙا ڪيا پيا وڃن، جنهن سان چونڊون التوا جو شڪار ٿي سگهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ آئوٽ آف ٽرن پوليس آفيسرن کي جيڪي ترقيون ڏنيون ويون آهن، اهي غلط آهن، اپوزيشن ۾ ان جي خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن، سياسي پارٽين کي ان حوالي سان عدالت سان به رجوع ڪرڻ گهرجي، ڪراچيءَ جي صورتحال ڏاڍي خراب آهي، روزانو ڪيتريون ئي لاشون ڪري رهيون آهن، بد انتظامي ۽ بد امني جي ڪري امن وامان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن بگڙجي رهي آهي، هن چيو ته شاهزيب قتل ڪيس لاءِ انتظاميا پاران ڪجهه نه ڪيو ويو، ان تي به سپريم ڪورٽ کي ايڪشن وٺڻو پيو،ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي صوبائي صدر سيد غوث علي شاهه، ضلعي صدر سرور لطيف، سردار شهزاد سميت ٻين مقامي اڳواڻ موجود هئا، ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف جو سکر ايئرپورٽ پهچڻ تي مسلم ليگ (ن) ضلعي اڳواڻن کان علاوه ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي، جنهن ميان نواز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ۽ هڪ وڏي جلوس جي شڪل ۾ ڪنڊيارو لاءِ روانه ٿي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button