شڪارپور

شڪارپور:15 فيبروري تي شٽربند ھڙتال جو سڏ

shikarpur  شڪارپور شڪارپور(رپورٽ رشيد مھر) شڪارپور ۾ وڌندڙ لاقانونيت ، بدامني ، انتظامي بي حسي خلاف شھري سراپا احتجاج بڻجي ويا، 3 ڏينھن واري علامتي بک ھڙتال شروع ،ٻي ڏينھن ۾ داخل ، 15 فيبروري تي شٽربند ھڙتال جو سڏ، ايس ايس پي کي ھٽائڻ جو مطالبو ، رپورٽ موجب. شڪارپور بچايو تحريڪ طرفان شھر ۾ وڌندڙ لاقانونيت ، بدامني ، نساسڪ جي لاپرواھي ۽ سول اسپتال ۾ وحشتپڻي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آھي ، جنھن سلسي ۾ گذريل ڏينھن کان علامتي بک ھڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي ، جيڪا 3 ڏينھن جاري رھندي ۽ ھاڻ ٻي ڏينھن ۾ داخل ٿي وئي آھي ، شڪارپور بچايو تحريڪ جي چئيرمين مولانا مجيب الرحمان ، نويد عالم ابڙو ، عبدالفتاح مھربک ھڙتالي ڪئيمپ تي خطاب ڪندي چيو تھ ايس ايس پي شڪارپورپريز چانڊيو ڏوھارين جو يار آھي ، ڇاڪاڻ تھ ڏينھن ڏٺي جو ماڻھو ڦرجي رھيا آھن ، جڏھن تھ نساسڪ جي لاپروھي جي ڪري شھر جي گٽرن مان ٻارڙن جا لا ش ملي رھيا آھن ، سول اسپتال ۾ عوام علاج لاءِ پريشان آھي ، ھنن چيو تھ ڊي سي شڪارپور سيد اظھر شاھ بھ ناڪام آھي ، شھر جي عوام تي رحم نھ کاڌو ويو تھ 15 فيبروري تي شٽربند ھڙتال ڪنداسين ، جيڪڏھن اڃان بھ انتظاميھ پنھنجي ھوڏ تان نھ لٿي تھ 21 فيبروري تي نيشنل ھاءِ وي بلاڪ ڪنداسين جنھن جي حمايت ايم پي اي شھريار خان مھر پڻ ڪئي آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button