مختصر خبرون

شڪارپور: پٺاڻ برادري جي واپاري کان لکين روپين جي ڦرلٽ

شڪارپور(رپورٽ رشيد مھر) شڪارپور ۾ ڌاڙيل راڄ ، ڏينھن ڏٺي جو پٺاڻ برادري جي واپاري کان لکين روپين جي ڦرلٽ ، پوليس خاموش تماشائي بڻيل ، پٺاڻ برادري جو احتجاجي مظاھرو ، ڌرڻو، رپورٽ موجب ، شڪارپور ۾ اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ عيد گاھ ڀرسان 3 نامعلوم ھٿيربندن ڪاٺين جي واپاري اشرف پٺاڻ کان اڊائي لک روپيا روڪ ۽ موٽرسائيڪل فر ڪري فرار ٿي ويا، ڏينھن ڏٺي جوپوليس خاموش تماشائي بڻيل رھي ، جڏھن تھ اطلاع تي پٺاڻ برادري جا ماڻھون يوٿ ويلفئيرايسوسيئيشن جي سڏ تي جو احتجاجي مظاھروڪري ڌرڻو ھنيو ، ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي جڏھن تھ يوٿ ويلفئيرايسوسيئيشن جي صدر اسداللھ پٺاڻ چيو تھ پوليس ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آھي ، شھر ۾ لاقانونيت وڌي وئي اھي ، ڌاڙيل راڄ ختم نھ ڪرايو ويو تھ تحريڪ ھلائينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button