شهدادڪوٽ

شيعه تنظيمن پاران شهدادڪوٽ ۾ مڪمل طور شٽر بند ھڙتال

ضمير کرل، شهدادڪوٽ
Shahdadkoat (640x232) شهدادڪوٽ ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل پاران ڪوئيٽا سانحي خلاف شهر ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ، هڙتال سبب شاهي بازار ، ريشم گهٽي ، ڪوٽوموٽو چوڪ ، جمع کرل چوڪ ، ڊرٻ پاڙي ، ڪپڙي بازار سميت شهر جا ننڍا ، وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته شهراندر شيعه برادري جي ماڻهن ۾ ڪوئيٽا واقعي کانپوءِ سوڳ واري صورتحال آهي ٻئي پاسي شيعه علماءِ ڪائونسل، جعفريا اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ، اصغريا آرگنائيزيشن ، مجلس وحدت مسلمين، اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي ڪارڪنن سميت ٻين شيعه تنظيمن جي ڪارڪنن هڙتال کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ شهر جو گشت ڪيو، هوڏانهن امام بارگاه دربارحسين عليه السلام مان ڪوئٽيا سانحي خلاف غلام سرور نقوي ، نياز حسين حسيني ، ممتاز ايماني ،اڪبر شاه ، سيد حسن علي شاه، سيد ضمير شاه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرساڙيا ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوئيٽا سميت سموري ملڪ اندر شيعه مسلمانن کي ٽارگيٽ بڻائي ماريو پيو وڃي پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چُري هنن ڪوئيٽا سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فوج ذريعي آپريشن ڪرائي ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪرائڻ بعد سر عام ڦاهي ڏيڻ جي گھر ڪئي آهي اڳواڻن مطالبن منظور نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو آهي، ٻئي پاسي جسقم ، نواز ليگ سميت ٻين سياسي، سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پڻ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button