شهدادڪوٽ

شهيد بينظير ڀٽو خطرن باوجود هن عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ، نثار کھڙو

ضمير کرل، شهدادڪوٽ
Shahdadkot; Kamber jalso .. (6) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو عوام جي چوڻ تي وطن واپس آئي هئي،۽ تمام خطرن باوجود هن عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ۽ عوام لاءِ جان قربان ڪئي،پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، انکي ديوار سان لڳائڻ يا ختم ڪرڻ وارا احمق آهن، نثار کهڙي قمبّر ۾ جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو، ان کان اڳ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي بااثر سياسي شخصيت ۽ چانڊيا قبيلي جي سردار نواب سردار خان چانڊيي پنهنجي قبيلي ۽ ساٿين سان پيپلز پارٽي ۾ ٻيهر شموليت جو اعلان ڪيو، نثار کهڙي چيو ته نواب سردار چانڊيو جي پ پ ۾ شموليت سٺو سنوڻ آهي جنهن سان پ پ کي علائقي،سنڌ سميت ملڪ ۾ وڏي پذيرائي ملندي جلسي کي خطاب ڪندي قانون واري صوبائي وزير اياز سومري چيو ته پيپلز پارٽي 5 سال حڪومت نه پر عوام جي خدمت ڪئي آهي،نواز شريف پنهجي دؤر ۾ هڪ به سنڌي ماڻهون کي نوڪري نه ڏني مگر شهيد ڀٽو جي ڀرتي ڪيل ملازمن کي برطرف ڪري بي روزگار ڪيو،سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن نوڪرين تي پابندي نه لڳائي ها ته پڙهيل،لکيل نوجوانن کي وڌيڪ نوڪريون ڏنيون وڃن ها، انشاء الله ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ نوڪريون ڏبيو ۽ رهيل ڪم ڪرائبا، مڪاني ادارن جي جو صوبائي وزير آغا سراج دوراني جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته نواب سردار خان چانڊيو پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪئي آهي باقي بدنصيب ٻاهر آهن سندس چوڻ هو ته ڪير ٿو چئي ته سنڌ کي ورهايو ويو آهي ، هن چيو ته پيپلز پارٽي لوڪل آرڊيننس ۾ ڪاٿي سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام لکيل آ، ۽ سنڌ کي کپايو ويو آهي هن چيو ته نوان، نوان جهنڊا ٺاهي ڌرڻا هڻي گاڌين جو بتيو ڀڃندڙ انقلاب نٿا آڻي سگهن انهن جي هٿ،وس کان ٻاهر آهي، هن چيو ته هاڻي به حڪومت کي هڪ مهيني جو وقت آهي سنڌ پيپلز لوڪل آرڊيننس کي غلط چوڻ وارا اسان سان ويهي ٽيبل ٽاڪس ڪن اگر هو اسان کي غلط ثابت ڪن ته آرڊيننس ۾ ترميم ڪئي ويندي ، هن چيو ته ڪانون اسيمبلين ۾ ٺهندا آهن روڊن رستن تي نه .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button