سکر

شهدادڪوٽ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي مظاھرو

ضمير کرل، شھداد ڪوٽ
Shahdadkot_ Shahdadkot  bacayo kamti... (640x219)شهدادڪوٽ ۾ شهدادڪوٽ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي شهر اندر سرڪاري ملڪيتن تي قبضن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال جاري رکي وئي،جسم،جسمم،شهري اتحاد، نوازليگ ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن حبدار مير جت، اسماعيل سيلرو،شبيّر مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٻئي ڏينهن به ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا واران سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته ٽي ايم او نثار احمد مگسي شهدادڪوٽ کي پنهنجي جاگير سمجهي ڪروڙن روپين جون سرڪاري ملڪيتون ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪري رهيو آهي،جيڪا شهر کي قبضا خورن حوالي ڪرڻ واري سازش آهي، هنن چيو ته هُو شهر جي انچ ، انچ جا وارث آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي به سرڪاري زمين تي قبضو ڪرڻ نه ڇڏيندا، هنن لينڊ مافيا ۽ سندن سرپرستي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري شهر کي ناجائز قبضن کان بچائڻ جي گهر ڪئي آهي ، هنن تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ تيز ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو
آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button