مختصر خبرون

سکر: 260 ڪلو گرام جي اعليٰ ڪوالٽي جو چرس ھٿيڪو

سکر (بيورورپورٽ) ايڪسائيز پوليس جو آئل ٽينڪر تي ڇاپو، خفيه خانن مان 260 ڪلو گرام جي اعليٰ ڪوالٽي جو چرس برآمد، ٻه جوابدار گرفتار، ايڪسائيز کاتي پوليس جي انسپيڪٽر ذوالفقار شيخ گهوٽڪي جي علائقي ڪمون شهيد وٽ پشاور کان ڪراچي ويندڙ هڪ آئل ٽينڪر نمبر TKC702 دوران تلاشي ٽينڪر جي مختلف خانن مان اعليٰ ڪوالٽي جو 60 2 ڪلو گرام چرس برآمد ڪري ٻن جوابدارن ڊرائيور محمد رمضان ۽ ڪلينر فضل محبوب کي گرفتار ڪري ڪري ورتو، ان موقعي تي ايڪسائيز انسپيڪٽر ذوالفقار شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار پشاور کان چرس لوڊ ڪري ڪراچي کڻي وڃي رهيا هئا خفيه اطلاع ملڻ تي آئل ٽينڪر جي تلاشي ورتي ته ان ۾ موجود خفيه خانن مان 260 ڪلو گرام اعليٰ ڪوالٽي جو چرس برآمد ڪيو ويو آهي ۽ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي وڌيڪ تفتيش جاري آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button