سکر

سکر ۾ اٽو مھانگو، غريب عوام پريشان

Sukkurسکر (رپورٽ؛عمر سومرو)سکر ۾ اٽو مهانگو وڪرو ٿيڻ لڳو عوام پريشانيءَ جو شڪار اٽي چڪي وارن ڪڻڪ جي هٿرادو بحران جو ذميوار خوراڪ کاتي کي قرار ڏئي وڏي وزير کان نوٽيس وٺڻ ۽ ڪڻڪ بحال ڪرڻ جو مطالبوڪري ڇڏيو،مختيار ڪار طرفان بازارن جا دورا دوڪاندارن کي ساڍا 34 روپيا اٽو في ڪلو وڪرو ڪرڻ جو چتاءُ اٽي خبرموجب سکر ۾ اٽو في ڪلو 45 روپيا وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن سبب غريب ماڻهو سخت پريشاني جا شڪار بڻجي ويا آهن ان ڏس ۾ سکر اٽا چڪي پلانٽ ايسوسيئيشن جي صدر مهتاب شامي ان جو ذميوار خوراڪ کاتي سنڌ جي ناقص پاليسين کي قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سنڌ وٽ 5 لک ٽن ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن جيڪا ڪڻڪ جي نئين فصل تائين ڪافي آهن اهڙي وقت ۾ ڪڻڪ جو هٿرادو بحران هڪ سازش آهي جيڪو خوراڪ کاتي سنڌ جي بدعنوان آفيسرن ۽ فلو مل مالڪن جو ڳٽ جوڙ آهي جن جي ڪري اٽو في ڪلو 45 روپيا وڪرو ٿي رهيو آهي هن ٻڌايو ته اٽي جي چڪين کي 40 ٻوريون في پٿر ماهوارڏنيون پيون وڃن جڏهن ته فلور ملن کي ماهوار 10 هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون ڳري رشوت عيوض ڏنيون پيون وڃن خوراڪ ڪاتو في ٻوري ڪڻڪ جي 2800 روپيا ڏئي ٿي جيڪا اوپن مارڪيٽ ۾ 3400 روپيا وڪرو ڪئي پئي وڃي اسان مهانگي ريٽ تي ڪڻڪ وٺي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهيون جڏهن ته مهانگي اٽي ٿيڻ جي ڪري ڪيتريون اٽي جون چڪيون بند پيون آهن هن وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ڪئي ته اٽي جي چڪين کي ڪڻڪ جي فراهمي بحال ڪئي وڃي جيئن ڪڻڪ جو پيدا ڪيل هٿرادو بحران ختم ٿي سگهي هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير جي خصوصي هدايتن بعد ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سکر جي حڪم تي مختيار ڪار سکر سٽي غلام رسول گهنڃو سک شهر جي مختلف بازارن ۽ مارڪيٽن جو اوچتو دورو، ريٽ لسٽون نه لڳائڻ تي سخت پڇاڻو، دڪاندارن کي سرڪاري ريٽ تي اٽو وڪرو ڪرڻ جون هدايتون جاري، ان سلسلي ۾ مختيار ڪار سکر سٽي پراڻي سکر ۽ ٻين علائقن جي بازارن جي اوچتو دوري دوران دڪاندارن کي چتاءُ ڏيندي چيو ته اٽي جي في ڪلو سرڪاري قيمت ساڍا چوٽيهه روپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي، اگر ڪو به دڪاندار گراهڪن کان وڌيڪ قيمتون وصول ڪندو ته ان جي خلاف ڏنڊ ۽ قانون جي مطابق سخت قدم کنيا ويندا. هن حڪم ڏنو ته فوري طور تي تمام شين جي ريٽ لسٽون دڪانن تي نمايان طور تي لڳايون وڃن ٻي صورت ۾ انهن جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button