سکر

سکر :ڪوئٽه واقعي جي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي

Sukkur quetta protest (640x190)سکر (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ وانگر سکر ۾ به ڪوئٽه واقعي جي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ٻٻرلو پائي پاس ۽ سکر پريس ڪلب چوڪ تي شيعه تنظيم پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڌرڻن ۾ شيعه ايڪشن ڪميٽي، جماعت وحدت المسلمين، شيعه علماءِ ڪونسل، آئي ايس او، جي ايس او سميت ٻين شيعه تنظيمن جي مرد، عورتون ۽ ٻار ڌرڻن تي ويٺا رهيا ان موقعي تي شيعه تنظيمن جي اڳواڻن منظور حسين ساجدي، مولانا رياض حسين روحاني، منظور حسين مهر، مولانا لياقت علي جوهري، مولانا علي بخش سجادي، مولانا عبدالله مطهري سميت ٻين چيو ته قائد ملت جعفريه ساجد حسين نقويءَ جي سڏ تي ڪوئيٽه سانحي جي خلاف ملڪ جي ٻين شهرين جيان سکر ۾ ڌرڻا هنيا ويا آهن ۽ اهي ڌرڻا ان وقت تائين جاري رهندا جيس تائين علامه ساجد نقوي ختم نه ڪرائيندو ان ۾ چاهي ڪيترائي ڏينهن ڇونه لڳي وڃن هنن چيو ته ڪوئيٽه ۾ فوج جي ذريعي آپريشن ڪري دهشتگردن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي شيعه قوم پر امن قوم آهي اسان جي شرافت کي ڪمزور نه سمجهو وڃي دهشتگرد هڪ سازش جي تحت ڪوئيٽه ۽ ڪراچي ۾ شيعه مسلڪ جي ماڻهن کي ٽارگيٽ جي ذريعي شهيد ڪيو پيو وڃي هن چيو ته ڪوئيٽه بس واقعي سميت ڪراچي، پشاور، بلتستان ۾ ٿيندڙ واقعن ۾ ملوث دهشتگردن جي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ شيعه تنظيمن پاران احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button