مختصر خبرون

سکر: پاڪستان فنڪشنل مسلم ورڪز ڪنوينشن جون تياريون مڪمل

سکر (بيورو رپورٽ) اڄ 18 فيبروري تي منجهند 12 وڳي سکر ريلوي اسٽيشن سامهون رلوي گرائونڊ ۾ پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ طرفان رٿيل ورڪز ڪنوينشن جون تياريون مڪمل ڪري جلسي گاهه کي پير سائين پاڳاري، ۽ ٻين اڳواڻن جي تصويرن کان سواءِ پارٽي جي جهنڊن سان سيگاريون ويو آهي جڏهن ته جلسي بابت گرائونڊ ۾ اڳواٽ ئي ڪارڪنن ڪيمپ قائم ڪري هر ايندڙ ماڻهن کي جلسي جي تفصيلن بابت آگاهي ڏني پئي وڃي جلسي خاطر جي انتظامن جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ فنڪشنل ليبر ونگ صوبائي صدر ليبر ونگ ڪامريڊ نثار ابڙو صوبائي سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر پيارو ڦلپوٽو صوبائي جنرل سيڪريٽري الطاف الرحمٰن ميمڻ ،سيد گل حسن شاهه ،مهراڻ عباسي، غلام قادر، منصورجلباڻي،حضوربخش مهر،ايم ايس ايف جو ضلعي صدر رياض احمد ڪلهوڙو ۽ ٻين دورو ڪيو ان سان گڏوگڏ اڳواڻن سکر جي مختلف علائقن جو دورو ڪندي مزدور تنظمن جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندي کين دعوتنامه ڏنا ۽ عوامي رابطه مهم جاري رکي اڄوڪي جلسي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جا مرڪزي ،صوبائي اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائندا به خطاب ڪندا اڳواڻن موجب سکر جي ليبرونگ واري جلسي ۾ خاص مهمان طور سيد راشد شاهه راشدي شرڪت ڪندو جڏهن ته جلسي جي صدارت امتياز شيخ ان کان علاوه نصرت سحر عباسي ،غوث بخش مهر ،ڄام مدد علي ،ڪاشف نظاماڻي ،ماروي راشدي ،سيداجمل شاهه موسوي ،سيد زاهد حسين شاهه انيل ڀٽي ،ميڊم صفيه بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻ به خطاب ڪندا….

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button