سکر

سکر: لطيف پارڪ جي علائقي جي رهواسين پاران مظاھرو

سکر (بيورورپورٽ) پراڻي سکر جي لطيف پارڪ جي علائقي جي رهواسين پاران پلاٽ تي ناجائز قبضي ڪندڙ با اثر ماڻهن ۽ پوليس پاران ڪو به ايڪشن نه وٺڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لطيف پارڪ پراڻي سکر۾ ڪيل احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي علي ڏنو شاه، نويد علي شاه ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته با اثر پاران اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، لينڊ مافيا پاران ناجائز قبضي متعلق پوليس کي آگاهه ڪرڻ جي باوجود پوليس پاران با اثر ماڻهن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته قبضا مافيا جي ماڻهن پاران پلاٽ تي اچي ڪري اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جنهن ۾ اسان ذري گهٽ بچي ويا آهيون، مظاهرو ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته قبضا مافيا جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button