مختصر خبرون

سکر: لاڳيتي برسات لوڊشيڊنگ وڌي وئي

سکر (بيورورپورٽ) سکر ۽ ڀرپاسي ۾لاڳيتي برسات ،مواصلاتي ۽ سيوريج نظام چوڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي ،گاڏيون سلپ ٿيڻ سبب هڪ عورت ۽ ٻن ٻارڙين سميت 9 ڄڻا زخمي ٿڌ ۾ زبردست اضافو خبر موجب ڇنڇر ۽ آچر جي وچواري رات 4 وڳي ڌاري کان آچر رات دير تائيڻ لاڳيتو وقفي وقفي سان جاري رهندڙبرسات سکر شهر توڙي ڀرپاسي ۾ عام وهنوار توڙي ڪاروبار جي ٺپ ٿيڻ سان گڏ مواصلاتي ۽ سيوريج نظام سخت متاثر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته شهر جون گهٽيون توڙي رستن تي ناليون ۽ گٽر اٿلڻ جي ڪري رستا گندي پاڻي ۾ تلائن جي صورت اختيار ڪري وي آهن جنهن سبب عوام کي سخت تڪليف ۽ پريشاني جو شڪار رهڻو پئجي ويو اهڙي صورتحال ۾ آچر جي موڪل هئڻ باوجود عوام گهرن تائين رهڻ تي مجبور ٿي وئي ان صورتحال م وري واپڊا سيڪو اختيارين برسات جو بهانو ڏسي وڏي پئماني تي بجليءَ جي هٿرادو بندش شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب عوام سخت مشڪلاتن جو شڪار بڻجي ويو آهي برسات سبب ٿڌ ۾ به وڏي پئماني تي اضافو ٿي ويو آهي.هوڏانهن شهر ۽ ڀرپاسي ۾ موٽر سائيڪلون سلپ ٿيڻ جي ڪري هڪ عورت مسمات الله رکي ٻن ٻارڙن اميد ۽ خورشيد سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button