مختصر خبرون

سکر جي مختلف علائقن مان وٽان ٻه ڄڻا پر اسرار نموني گم

سکر (بيورورپورٽ) سکر جي مختلف علائقن نئون پنڊ ۽ لوڪل بورڊ وٽان ٻه ڄڻا پر اسرار نموني گم، پولس کي اطلاع، خبر موجب سکر نئون پنڊ ٿاڻي جي حد پٺاڻ ڪالوني پير افضل روڊ جو رهواسي 0 2 سالن جو شاگرد علي ولد عبدالحميد پٺاڻ گذريل رات پر اسرار نموني گم ٿي ويو سندس والد طرفان پوليس کي اطلاع ڏنو آهي، جڏهن ته سکر شاهي بازار جو رهواسي ذيشان ولد مقصود قريشي روهڙي اڇون قبيون مان ميڊيڪل اسٽور بند ڪري واپس گهر وڃي رهيو هيو ته سکر سي سيڪشن ٿاڻي جي حد لوڪل بورڊ وٽ پهچڻ بعد گهر وارن سان موبائيل فون تي رابطو ڪٽي ويو، واقعي جو اطلاع سي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي، گم ٿيل نوجوانن جي گهر ڀاتين اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button