مختصر خبرون

سکر: جيب ڪتراهڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي ويا

سکر (بيوروپورٽ) سکر سميت ڀرپاسي وارن علائقن جيب ڪتراهڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي ويا موبائيل چوري عام ٿي وئي، روزانو ڪيترائي ماڻهو پنهنجي موبائيل فونن کان محروم، خبرموجب ايس ايس پي سکر پريس محمد شاهه جي سکر ۾ مقرر کانپوءِ جتي ٻين ڏوهن تي ڪنٽرول ٿيو هيو اتي موبائيل فونن جي چوري به ختم ٿي وئي هئي پر گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جيب ڪتره هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن ۽ انهن پنهنجون ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، سکر جي مختلف علائقن سميت سکر ۽ روهڙي وچ ۾ هلندڙ سٽي ڪوچ سروس ۽ سوزوڪين ۾ سفر ڪندڙ ڪيترائي شهري موبايل فونن کان محروم ٿي وڃن ٿا پر پوليس جيب ڪترن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان قاصر آهي، ٻئي طرف اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گهنٽا لگهر چوڪ ۽ رشنا سينٽر ٻاهران چوري جون موبائيل فونون سرعام وڪرو ڪيون پيون وڃن پر پوليس اهڙو ناجائز ڪاروبار ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي سکر جي شهرين ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه کان مطالبو ڪيوآهي ته سکر مان موبائيل فونن جي چوري کي روڪيو وڃي ۽ اهڙي ڪاروايون ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button