شهدادڪوٽ

سنڌ ورهائڻ واري سازش ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وارا هڪ جيترائي ذميوار آهن، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ مزدور فيڊريشن

ضمير کرل، شهدادڪوٽ
Shahdadkot ; STP شهدادڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ مزدور فيڊريشن پاران الطاف حسين جي سنڌ ورهائڻ واري بيان خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪارڪنن مرڪزي اڳواڻ حيات تنيو، امداد سومرو،شبيّر مگسي،زاهد مگسي، داد کنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ لاڙڪاڻي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙگاڏيون قطار ۾ بيهجي ويون،ڌرڻي سبب مسافر ڪيترائي ڪوميٽر پنڌ ڪري شهر پهتا،ان سبب ٽرانسپورٽون ۽ مسافرن کي سخت تڪليف ڪاٽڻي پئي،ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ورهائڻ واري سازش ۾ پ پ حڪمرانن ۽ ايم ڪيو ايم وارا هڪ جيترائي ڀاڱي ڀائيدار آهن،هنن چيو ته هُو ٻنهي کي سازش جو هڪجيترو ذميوار قرار ڏين ٿا، هنن الطاف حسين جي سنڌ ورهائڻ واري بيان جاري ڪري سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام جي دل ۽ دماغ وار ڪيو آهي ۽ ان سبب ڪروڙي سنڌين ۾ ڪاوڙ واري لهر پکيڙيل آهي، هن چتاءُ ڏيندي چيو ته الطاف حسين اهڙو بيان ۽ مڪاني نظام واري بل واپس نه ورتو ته مزاحمتي تحريڪ هلائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button