مختصر خبرون

سنڌ جي صحافين کي ڪنھن جوبھ غلام نھ بنجڻ کپي، رشيد مھر

شڪارپور، سنڌ صحافي سنگت لکي غلام شاھ طرفان صحافت ۽ سنڌي سماج جي عنوان ھيٺ ورڪشاپ ٿيو جنھن ۾ شڪارپور ضلعي جي مختلف صحافين شرڪت ڪئي ، جنھن ۾ عبدالمنان حنفي ، برڪت بروھي ، جميل مھر ، ھدايت الللھ مھر ، نديم جان مھر ، گوگي رام ، عبدالرزاق بروھي ، گل ميمڻ ، طارق پٺاڻ ،عبدالسميع ڀٽو۽ ٻين شرڪت ڪئي، جن پنھنجي خطاب ۾ چيو تھ سنڌ ۾ صحافين کي تمام گھڻا مسئلا درپيش آھن پوءِ بھ صحافي حق سچ جو ساٿ نھ ٿا ڇڏين ، سنڌ صحافي سنگت لکي غلام شاھ جي صدر زخمي رشيد مھر چيو تھ سنڌ جي سماج ۾ ڌپ ھڻي ويل ڪردارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ صحافين کي ڪنھن کان بھ نھ ڊڄڻ کپي .ڇاڪاڻ تھ صحافي ڪنھن جا بھ غلام نھ آھن ،۽ ڪنھن جو غلام نھ ٿيڻ کپي ھن چيو تھ سنڌ ۾ جيڪا ايندڙ وقت ۾ بھ تبديلي اندي اھا بھ ميڊيا جي ذريعي ايندي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button