مختصر خبرون

سنڌ جي بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ جناح باغ چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو( بيورو رپورٽ)جميعت طلباءِ اسلام ضلعي لاڙڪاڻي طرفان سنڌ جي بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ جناح باغ چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو .ان موقعي تي جي ٽي آءِ صوبائي صدر حافظ عزيز گل جاگيراڻي ، محمد الياس چنو ، محمد فاروق شيخ ، مولانا حميد اللھ سيال جمال مصطفي ٰ ۽ ثنا/ اللھ سيال خطاب ڪيو. مظاھري کي خطاب ڪندي جي ٽي آءِ جي صوبائي صدر حافظ محمد عزيز گل جاگيراڻي چيو تھ ھڪ سازش تحت سنڌ جا ھزارين اسڪول بند پيل آھن خاص ڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سون جي تعداد ۾ اسڪول بند پيل آھن. بند پيل اسڪول چوپايو مال جا واڙا ، وڏيرن جون اوطاقون ، ڀاڻ ۽ بُھھ جا گودان لڳا پيا آھن. اھو سنڌي عوام جي خلاف سازش آھي.ھنن وڌيڪ چيوتھ سنڌ جا اسڪول بند ڪري سنڌ جي ٻارن جي تعليم کي تباھھ ڪيو پيو وڃي جيڪي پاڪستان جو مستقبل آھن ھنن چتا/ ڏيندي چيوتھ اھا سازش اسان ڪڏھن بھ برداشت نھ ڪنداسين ۽ اسان جي جدوجھد تيسيتائين جاري رھندي جيسيتائين اسڪولن کولرائڻ جي ممڪن ڪوششون نھ ڪيون ويون ۽ اسان ھر ضلعي ۾ احتجاجي ڌرڻا ھڻنداسين. ھنن وڌيڪ چيوتھ ڪراچي جي علمائن ۽ طالبن جو قتل عام پڻ بند ڪيو وڃي. اھو قتل عام بھ تعليم جي خلاف ھڪ سازش آھي. ھنن مطالبو ڪيو تھ جلد کان جلد بند پيل اسڪول کولرايا وڃن ۽ ڪراچي ۾ قتل ٿيل علمائن جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button