شهدادڪوٽ

سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ خلاف جسمم احتجاجي مظاهرو

ضمير کرل، شھداد ڪوٽ
Shahdadkot_ jsmm (640x219)شهدادڪوٽ ۾ جسمم پاران سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪارڪنن مجيب چولياڻي، عبدالله مستوئي، فياض مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته تاريخي شهزور سنڌو درياء تي ڊيم اڏي سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته مختلف چالبازين سان سنڌووءَ تي ڌاڙو هڻي سنڌوءَ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي،جنهن سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زخيز زمين بنجر بڻجي وئي آهي،هنن عالمي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي، ته اهڙين سنڌ دشمن سازشن جو نوٽيس وٺي مهذب سنڌ ۽ سنڌي قوم کي لٽجڻ کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button