خيرپور

خيرپور: نادرا جو ٽيمون مختلف علائقن جو دورو ڪنديون

NADRA-new1-640x480خيرپور : نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر ڊپٽي ڊائريڪٽر موبائيل رجسٽريشن وينز نادرا موبائيل رجسٽريشن جو شيڊيول پڌرو ڪندي ڄاڻايو آهي ته خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن اندر مختلف يونين ڪائونسلن ۾ عام ماڻهن کي سندن مقامي علائقن ۾ قومي شناختي ڪارڊ جي فراهمي جي سهولت لاءِ 11 فيبروري 2013 کان 22 فيبروري 2013 تائين مختلف علائقن ۾ موبائيل وينون هلايون وينديون. شيڊيول موجب تعلقي خيرپور جي يونين ڪائونسل ميهر علي، خانپور ۽ ماڇيون لاءِ موبائيل وين نمبر 14، سوڀوديرو تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن جي لاءِ موبائيل وين نمبر 22، ڪنگري ۽ ڪوڏيجي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلز جي لاءِ موبائيل وين نمبر 20 ، نارا تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلز جي لاءِ موبائيل وين نمبر 21 ۽ گمبٽ تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلز جي لاءِ موبائيل نمبر 09 کي ڄاڻايل شيڊيول مطابق روانو ڪيو ويندو.جڏهن ته قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي اهڙي سهولت لاء تعلقي خيرپور جا رهواسي علي شير مڪول، سوڀوديرو تعلقي جا رهواسي غلام حسين ملاح، ڪوٽ ڏجي تعلقي جا رهواسي منور علي وساڻ جڏهن ته نارا ۽ ڪنگري تعلقي جا رهواسي سماجي تنظيم بسوا خيرپور جي چيئرمين خادم حُسين ميراڻي سان رابطو ڪري اهڙي سهولت جي حوالي سان مدد ۽ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button