سکر

حڪومت پنهنجي آهي رستا بند ڪريون يا روڊ ڪير پڇندو

1suk roadسکر، حڪومت پنهنجي آهي رستا بند ڪريون يا روڊ ڪير پڇندو،عوام پريشان ٿئي ته ڀلي عوام لاءِ ته عوامي جلسو ڪيون پيا پ پ پاران سکر ۾ جلسا خبر موجب چونڊن کان اڳ ئي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي پاران سکر ۾ عوامي جلسا شروع ڪندي روڊ رستا بند ڪرڻ شروع ڪيا ويا آهن هڪ هفتو اڳ سکر جي تير چوڪ وٽ روڊ تي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جي حامين پاران جلسو ڪرڻ کان پوءِ جمعي جي شام اڳوڻي ضلع ناظم ۽ ق ليگ مهرگروپ مان ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿيل سيد ناصر حسين شاهه جي حامين پاران سکر جي ريس ڪورس روڊ تي روڊ ۽ رستا بند ڪري جلسو ڪيو ويوآهي حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جلسو جمعي ڏينهن شام جو رٿيل هو ۽ روڊ رستا خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات 12 وڳي کان ئي بند ڪري عوام کي نه رڳو سخت پريشان ڪيو ويو بلڪي کين شديد مشڪلاتن جو شڪار بڻايو ويو آهي اهڙي قسم جي رستا بند ڪرڻ تي ريس ڪورس ۽ نيوپنڊ واري علائقي جي رهواسين سميت شهرين ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو آهي ماڻهن جو چوڻ هو ته اهڙن جلسن جو ڪهڙو فائدو جنهن سان عوام ئي متاثر ٿئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button