مختصر خبرون

جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع ڪائونسل جو اجلاس سکر ۾ ٿيو

سکر (بيورورپورٽ) جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع ڪائونسل جو هڪ اجلاس سکر ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ سڀني تعلقن جي عهديدارن شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن ضلعي صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، قمر الدين گهمرو، اياز ابڙو، منٺار ٻرڙو، شاهد جتوئي، مظهر عباس، طارق احمد سومرو، اربيلو، ۽ ٻين چيو ته اسين سڀ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي پڳدار پٽ امير حيدر شاهه اهڙي عمل جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ڌڙن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ، ۽ هڪ هنڌ ويهارڻ ۽ سنڌ جي آزادي ۾ پڪو ايمان رکن ٿا، اسين ڀرپور حمايت ڪيون ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button