مختصر خبرون

جسمم حقيقي آزادي پسند، محب وطن ۽ انقلابي تنظيم ۽ تحريڪ آھي، اڳواڻ

سکر (بيورورپورٽ) جسمم ضلعي سکر طرفان ضلعي صدر لالا سهيل پٺاڻ، آڪاش ڀٽي جي قيادت ۾ پراڻي سکر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙن مظلوم، محڪوم ۽ آزادي پسندن قومن جي حمايت ڪئي وئي، هنن چيو ته جيئي سنڌ متحد ا محاذ حقيقي آزادي پسند، محب وطن ۽ انقلابي تنظيم ۽ تحريڪ آهي، مسلسل آزادي لاءِ پنهنجين جانين جا نظريا ۽ قربانيون ڏي پئي، شهيد سيمع الله، شهيد سرائي قربان، شهيد مظفر ڀٽو، ۽ ڪيترن ئي مادر وطن سنڌ جي خوشحالي، خودمختياري ۽ آزاديءَ لاءِ مزاحمتي جدوجهد ڪئي آهي، هنن چيو ته سڄي دنيا ۾ جتي به ڪنهن به قوم کي قومي غلام ڪيو ويندو جسمم انهن سان قومي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل حمايت ڪندي رهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button