حيدر آباد

ججن جي ڪردارڪشي جو مقصد نوجوانن کي قانون جي پيشي کان پري رکڻ جي سازش آهي، جسٽس مشير عالم

c j of h c ,addrassing (640x380)حيدرآباد: سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب جسٽس مشير عالم چيو آهي ته جج صاحبان جي ڪردارڪشي جو مقصد نوجوانن کي قانون جي پيشي کان پري رکڻ جي سازش آهي ، تنهن ڪري نوجوان نسل اهڙين سازشن ڏانهن ڌيان نه ڏئي ۽ کين قوم جي ڀلائي ۽ غريب طبقي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قانون جو پيشو اختيار ڪرڻ گهرجي. هن اهڙو اظهار اڄ سنڌ هائي ڪورٽ جي انيڪسي بلدنگ جي آڊيٽيوريم ۾سنڌ هائي ڪورٽ بار ايسوسئيشن حيدرآباد طرفان سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.جناب چيف جسٽس مشير عالم وڌيڪ چيو ته جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس شفيع بابت ٽيڪس ادا نه ڪرڻ واري پروپيگئنڊا جج صاحبان جي ڪردار ڪشي جي سازش آهي جنهن جو مقصد عوام ۾ جج صاحبان جي ساک کي خراب ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته مٿي ذڪر ڪيل ٻئي جج صاحبان ڪافي وقت کان وڪالت جي پريڪٽس ڪري رهيا هئا جن کي سندن اهليت سبب وڏين ڪوششن بعد جج بڻايو ويو هو ۽ هنن ڪنهن ذاتي دلچسپي تحت نه پر قوم ۽ ملڪ جي خدمت لاءِ جج بنجڻ جي آڇ قبول ڪئي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون آهن جيڪي وڏين گاڏين ۾ سفر ڪن ٿيون پر ٽيڪس ادا نه ٿيون ڪن . هن چيو ته لاڳاپيل اختيارين کي ان حوالي سان نظر ثاني ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جج صاحبان جي ڪردار ڪشي هڪ سازش آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ملڪ جي عدليه گهڻن مسئلن مان گذري رهي آهي تنهنن هوندي به عدليه جي بحالي واري جدوجهد ۾ سنڌ جي وڪيل برادري،سول سوسائٽي ۽ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي آئون سندن ٿورائتو آهيان . هن چيو ته تحريڪ ڪا انفرادي ذات لاءِ نه هئي پر قوم ۽ ملڪ جي ڀلائي لاءِ هئي ۽ سمورن طبقن جو اهو اولين فرض هو. جج صاحبان جي کوٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيف جسٽس مشير عالم چيو ته ماضي ۾ پڻ جج صاحبان جي کوٽ هئي پر اعليٰ اختيارين جي مداخلت سبب اها کوٽ پوري نه ٿي سگهي. هن چيو ته اسان چاهيون ها ته ججن جي کوٽ پوري ٿي وڃي ها پرا سان ايماندار جج آڻڻ چاهيون ٿا جيڪي عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪن. هن وڌيڪ چيو ته عدليه جي بحالي سبب عام ماڻهو پڻ ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن هن وقت عوام جي عدليه جي حوالي سان ڪا شڪايت آهي ته اها بلڪل جائز آهي . هن چيو ته آئيني ادارن وٽ هڪ سنهري موقعو هو ته عدليه جي بحالي واري تحريڪ دوران ملڪ اندر هڪ انقلاب آڻي قوم جي تقدير تبديل ڪري سگهجي ها. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عدليه جي حڪمن تي مڪمل طرح سان عملدر آمد ڪيو وڃي ها ته اڄ ملڪ اندر بدامني ۽ موجوده صورتحال نه هجي ها . هن وڌيڪ چيو ته نوجوان وڪيل پنهنجي سينئزز جي رهنمائي سان هر مقام حاصل ڪري سگهن ٿا . هن سنڌ هائي ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي مسئلن ۽ مطالبن جي حوالي سان ڳالهائيندي کين يقين ڏياريو ته سندن مسئلن کي اوليت جي بنيادن تي حل ڪرايو ويندو هن ايسوسئيشن جي عهديدارن کي صلاح ڏني ته هڪ ڪور ڪميٽي قائم ڪري نوجوان وڪيلن لاء تربيتي پروگرام ،ليڪچر ۽ سيمنارن جو بندوبست ڪيو وڃي ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ هائي ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته حيدرآباد بار انتهائي سرگرم بار آهي ۽ هو هر وقت بار جي معاونت لاءِ پڻ تيار آهي . هن چيو سندس ڪيسن ۾سختي واري رويي جو مقصد وڪيلن جي رهنمائي هوندي آهي ته جيئن اهي وڌيڪ محنت ڪن ۽ ڀرپور تياري سان ڪيسن ۾ پيش ٿين ته جيئن ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملي سگهي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ هائي ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري اياز حسين تنيو چيو ته هن وقت حيدرآباد بار جي ميمبر شپ 900کان وڌيڪ آهي جنهن ڪري بار کي آفيس جي کوٽ لائبريري ۽ ڪتابن جي اڻاٺ سميت ٻيا ڪيترائي مسئلا درپيش آهن هن چيو ته هائي ڪورٽ حيدرآباد ۾ جج صاحبان جي کوٽ سبب پڻ ڪيسن کي اڪلائڻ ۾ دير ٿي رهي آهي جنهن ڪري حيدرآباد ۾ 6 جج صاحبان کي عدالتي ڪاروائي هلائڻ گهرجي هن چيف جسٽس جناب مشير عالم کي گذارش ڪئي ته هر3 مهينن بعد حيدرآباد سميت اندروني سنڌ جي هائي ڪورٽ برانچن ۾ پڻ عدالتي ڪاروائي هلائڻ گهرجي ان موقعي تي جسٽس آفتاب ڳورڙ ، رجسٽرار سنڌ هائي ڪورٽ عبدالمالڪ گدي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن حيدرآباد جج حسن فيروز ، سنڌ هائي ڪورٽ بار ايسوسئيشن حيدرآباد جو صدر نثار احمد دراني ، بار ايسوسئيشن جو نائب صدر جگديش آر مولاڻي ، سيد شهزاد شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا ان کان اڳ چيف جسٽس جناب جسٽس مشير عالم سنڌ هائي ڪورٽ حيدرآباد آمد وقت عمارت اندر ٻوٽو پڻ پوکيو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button