حيدر آباد

بوگس ووٽر لسٽون شفاف چونڊن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن، سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب قدم کنيا وڃن.جماعت اسلامي

JI Sindhحيدرآباد:جماعت اسلامي پاران بوگس ووٽر لسٽن جي خاتمي ۽ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني هيٺ تصديقي عمل نه ڪرائڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو زبردست احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهو بوگس ووٽر لسٽن ۽ فوج جي نگراني ۾ تصديقي عمل ڪرائڻ جي گهر ڪري رهيا هئا. ڌرڻومنجهند جو 12 وڳي کان شروع ٿيو جيڪو منجهند جو 3 وڳي تائين جاري رهيو. ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو ايم اين اي لئيق احمد خان، مقامي اڳواڻ مولانا عبدالوحيد قريشي، امير شيخ شوڪت علي، مشتاق احمد خان، جڏهن ته ٻين سياسي پارٽين ۾ تحريڪ انصاف جي عثمان ڪينڊي، جمعيت علماءِ پاڪستان ابراهيم شيخ، اين ايل ايف جي راڻا محمود علي خان ۽ عوامي تحريڪ سميت ٻين پارٽين جا اڳواڻ شامل هئا. لئيق احمد خان ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته بوگس ووٽر لسٽون شفاف چونڊن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي واضح فيصلي ۽ سياسي جماعتن کي يقين ڏيارڻ باوجود عمل نه ڪرڻ افسوس ناڪ ۽ ڌانڌلي جي شروعات آهي. هن چيو ته چونڊن کي تڪراري بنائڻ جون سازشون سٽيون پيون وڃن. هڪ نسل پرسٽ ٽولي تصديقي عمل کي يرغمال بڻآئي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري ايندڙ چونڊن جي حوالي سان عوام اندر خدشا جنم وٺي رهيا آهن. انڪري شفاف چونڊن لاءِ ضروري آهي ته بوگس ووٽر لسٽون ختم ڪري صحيح لسٽون جوڙيون وڃن. جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي مولانا عبدالوحيد قريشي چيو ته اڄو ڪو ڌرڻو اليڪشن ڪميشن کي آزاد، خودمختار بنائڻ سان گڏ سياسي مداخلت جي خاتمي لاءِ آهي. ڪراچي ۾ فوجي جي نگراني هيٺ تصديقي عمل نه ڪرائي اليڪشن ڪميشن درست طريقو اختيار ناهي ڪيو، جنهن مان لڳي ٿو ته هو دٻاءُ بلڪه هڪ لساني گروهه هٿان يرغمال بڻيل آهي. جيڪڏهن تصديقي عمل ئي مشڪوڪ ٿي وڃي ته پوءِ چونڊن جا نتيجا به مشڪوڪ هوندا. اڳواڻن گهر ڪئي ته اليڪشن ڪميشن پهرين شفاف ووٽر لسٽون ۽ تصديقي عمل کي آزاد بڻائي ته جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي.
هوڏانهن جماعت اسلامي طرفان ساڳي سلسلي ۾ سڀاڻي لاڙڪاڻي جناح باغ چوڪ پريس ڪلب وٽ صبح جو 11 کان 2 وڳي تائين احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو جنهن کي مولانا اسدالله ڀٽو، نصرالله شجيع، حافظ نعيم الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.#

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button