ھنڱورجا

بشير قريشي جي قتل ۾ رياست ملوث آهي ،ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

هنڱورجا: جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته وزير اعلي سنڌ جي ضلعي خيرپور جي هنڱورجا شهر مان اغوا ٿي ويل چار سالن جي معصوم ٻار کي پوليسhng jnswmانتظاميه 26 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي آهي ، حڪومت امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي آهي رافع ميمڻ بازياب نه ٿيو ته جسقم جا ڪارڪنن سخت احتجاج ڪندا ، ڪراچي دهشتگردن جي حوالي آهي ، باقي سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي. رسول آباد ۾ جسقم جي اڳواڻ اڪبر راڄپر جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بشير قريشي جي قتل ۾ رياست ملوث آهي ان جي جزن جي چڪاس عالمي ليبارٽي مان ڪرائڻ واري حڪومتي سڀ دعوائون ڪوڙيون آهن هڪ گهري سازش تحت بشير خان کي شهيد ڪيو ويو . هن چيو ته اپريل مهيني کي آئون سنڌ جي ڪربلا ڪوٺيان ٿو ۽ اپريل مهيني ۾ چار وڏا سانحه پيش آيا جنهن ۾ سائين جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد سنڌو ديش بشير قريشي ۽ سرائي قربان کهاوڙ ۽ ساٿين کي هن ئي مهيني ۾ شهيد ڪيو ويو. ان ڪري انهن سڀني واقعن کي سهيڙڻ لاءِ سنڌ جي ڪربلا نالي ڪتاب لکي رهيو آهيان. هن چيو ته پي پي جي وزيرن ۽ مشيرن ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي سنڌ جو هر شهر جو انفرا اسٽريڪچر تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد جي فقر جي فتح ٿي چڪي آهي ۽ ڪابه پارٽي ۽ ليڊر کي سنڌ جي عوام سان مخاطب ٿيڻ لاءِ کين کي جيئي سنڌ چوڻو ٿو پوي. هن چيوته ڪجهه ڌريون قومپرستي جي نالي تي اقتدار ۾ اچڻ جا خواب ڏسي رهيو آهن پر سنڌ جي سڀني مسئلن جو حل سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي ۾ آهي. هن سان گڏ جسقم اڳواڻ اڪبر راڄپر ، فياض سولنگي، ۽ ٻيا گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button