سکر

اڃان تائين منهنجي والد جي قتل جو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو،صنعان خان قريشي

JSQM protestسکر، جيئي سنڌ قومي محاذ پاران بشير خان قريشي جي قتل جو ڪيس داخل نه ڪرڻ جي خلاف سکر پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سکر پريس ڪلب جي آڏو ڏنل ڌرڻي جي قيادت چيئرمين جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ بشير خان قريشي جي پٽ صنعان خان قريشي ڪئي، احتجاجي ڌرڻي ۾ ڪارڪنن وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صنعان خان قريشي جو چوڻ هيو ته اڃان تائين منهنجي والد جي قتل جو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته حڪومت پاران اسان کي چيو ويو هو ته بشير خان قريشي جا جزا ليبارٽري ٽيسٽ جي لاءِ ٻاهرين ملڪ موڪلياويا آهن، اسان جڏهن معلوم ڪيو ته اهڙو ڪجهه به نه هو، هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان سنڌ جي عوام وٽ آيا آهيون ته جيئن اهي اسان جو ساٿ ڏين اسان 3 2 مارچ تي حيدرآباد وٽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ڪري قومي شاهراه کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏينداسين .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button