ھنڱورجا

اي ايس آءِ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو

واٽيا برادري احتجاج ڪندي
واٽيا برادري احتجاج ڪندي
هنڱورجا جي ڳوٺ واٽيه ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 6 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ٽريفڪ پوليس جي اي ايس آءِ علي مختيار واٽيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنڱورجا پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر جوابدارن مان ڪوبه هٿ نه اچي سگهيو آهي جڏهن ته مقتول جي وارثن تنوير علي ۽ شهمير واٽيو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻجي کين کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي جوابدار خالد ۽ نظير واٽيو مقتول اي ايس آءِ جي گهر واري ۽ معصوم پٽ کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن . پر ان باوجود پوليس انهن کي گرفتار نٿي ڪري هنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته سڀاڻي (اڄ) پوليس جي خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو. هوڏانهن مقتول اي ايس آءِ جي زال شهزادي واٽيو صحافين کي ٻڌايو ته جوابدارن منهنجي مڙس کي بي گناهه قتل ڪرڻ بعد مونکي ۽ منهنجي معصوم پٽ کي به قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن هن چيف جسٽس آف پاڪستان کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button