شهدادڪوٽ

ايندڙ اليڪشن ۾ نواز شريف کي عبرت ناڪ شڪست ڏينداسين، قائم علي شاھ

ضمير کرل، شهدادڪوٽ
Shahdadkot; Kamber jalso .. (4)سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاه چيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ نواز شريف کي عبرت ناڪ شڪست ڏينداسين . جنهن کانپوءِهو ڪڏهن به سنڌ ڌرتي جو رخ نه ڪندو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو ته سندس ٽئلينٽڊ ڪزن الڳ پارٽي ٺاهي ورتي شهيد بينظير ڀٽو جي مخالفت ڪرڻ وارا هاڻ مارشلائي پيداوار پٺيان لڳا پيا آهن سنڌ جي وڏي وزير قمبر ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي بااثر سياسي شخصيت ۽ چانڊيا قبيلي جي سردار نواب غيبي سردار خان چانڊيو جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت واري رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته نواب سردار خان چانڊيو جو پ پ ۾ شموليت واري فيصلو سٺو سنوڻ آهي سندس چوڻ هوته سردار چانڊيو جو هي جلسو نيئن ديري واري نواز شريف جي جلسي جو جواب آهي نواز شريف کي هاڻ سنڌ ۾ ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو سيد قائم علي شاه چيو ته پ پ حڪومت هميشه اقتدار ۾ اچي پڙهيل لکيل نوجوان کي نوڪريون ڏنيون آهن ۽ آئنده به چونڊ جي اچڻ بعد نوڪريون ڏيندا جيڪڏهن بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪرڻ ڏوه آهي ته هو اهڙو ڏوه ڪندا رهندا پر عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندا وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي عوامي سمنڊ آهي ان خلاف مخالفن مختلف دورن (وقتن ) ۾ محاذ ٺاهيا پر ان تي ڪو به فرق نه پيو ۽ نه ئي ڪڏهن پوندو پ پ جي حڪومت پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيروعورت هارياڻين کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ في ڪس 25ايڪڙ جي حساب سان زميني مالڪاڻا حق فراهم ڪيا موجوده حڪومت جو عورتن کي حق ڏيڻ منشور آهي سندس چوڻ هو ته مختلف چالبازين ذريعي هڪ سازش تحت ملڪي حالتون خراب ڪري اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جون سيٽون سٽي رهيا آهن ۽ ان ڪري ئي عوام ۾ پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن کي ڏسي مخالف مختلف رڪاوٽون وجهي رهيا آهن جڏهن ته اليڪشن پنهنجي مقرر وقت تي آئين مطابق ٿيندي جلسي کي سينئر وزير پير مظهرالحق، ضلعي صدرغلام مجتبا اسراڻ ۽ ٻين پ پ اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو

ھڪ تبصرو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button