مختصر خبرون

ايم ڪيو ايم جو حڪومت کان ڌار ٿيڻ ڊرامو آهي، فنڪشنل ليگ

ٺري ميرواهه : فنڪشنل مسلم ليگ تعلقه ٺري ميرواهه جي گڏجاڻي مسلم ليگ فنڪشنل جي آفيس ٺري ميرواهه ۾ ٿي گذري جتي سٽي ٺري ميرواهه ۽ يونين ڪائونسل ٺري ميرواهه جون باڊيون چونڊيون ويون ، فنڪشنل مسلم ليگ تعلقه ٺري ميرواهه جي سينيئر نائب صدر ارشاد حسين لغاري مسلم ليگ فنڪشنل تعلقه ٺري ميرواهه جي جنرل سيڪريٽري فقير آفتاب سڪندر شر ، تعلقه نائب صدر مختيار حسين حاجاڻو مسلم ليگ فنڪشنل ڊاڪٽرس فورم سنڌ جي صدر ڊاڪٽر محمد خان شر ، فنڪشنل مسلم ليگ لايرس ونگ جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ حاجي غلام النبي شر ، فقير محمد اسلم شر جي اڳواڻي ۾ يونين ڪائونسل ٺري ميرواهه لاءِ صدر عطا محمد دستي ، سينيئر نائب صدر گاهي فقير منگي ، جنرل سيڪريٽري جميل احمد جوڳي ، انفارميشن سيڪريٽري وزير علي سومرو چونڊيا ويا ، جڏهن ته سٽي ٺري ميرواهه لاءِ خالد حسين ٻانڀڻ ، سينئير نائب صدر صدام حسين لغاري ، جنرل سيڪريٽري پرويز جوڳي ، جوائنٽ سيڪريٽري راجا منصور سومرو ۽ ٻيا چونڊيا ويا ، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهيندي چيو ته فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير سائين پاڳاري سنڌ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي ، پ پ پ حڪومت سنڌي ماڻهن کي وڪڻي رهي آهي ، هنن چيو ته ايم ڪيو ايم جو حڪومت کان ڌار ٿيڻ ڊرامو آهي ، ته جيئن نگران حڪومت پنهنجي مرضي سان ٺاهي سگهن عوام هاڻي سمجهي ويو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ کپائڻ جو سودو طئي ڪري ڇڏيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button