مختصر خبرون

اغوا ٿي ويل معصوم نينگر رافع ميمڻ کي پوليس اتنظاميه اڃان تائين بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام

هنڱورجا جي ميمڻ محلي مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر رافع ميمڻ کي پوليس اتنظاميه اڃا تائين بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ، ڊي آءِ جي سکر نينگر کي بازياب نه ڪرائڻ جي الزام هيٺ ايس ايچ او هنڱورجا امير چانگ کي معطل ڪري خيرپور لائين ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، جڏهن ته هنڱورجا ۾ فتح محمد اعواڻ کي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي ، هوڏانهن مغوي نينگر کي 28 ڏينهن گذري ويا آهن پر ان باوجود اتنظاميه ڪوبه ٻوٽو ناهي ٻاريون نينگر جي گهر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد جاري آهي. جڏهن ته نينگر جي چاچي عزيز ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس انتظاميه جي سکڻ دلاسن کان هاڻي مايوس ٿي ويا آهيون ظالمن بي گناهه نينگر کي اغوا ڪري اسان جي گهر ۾ ماتم ڀرپا ڪيو آهي. هوڏانهن معصوم نينگر جي بازيابي لاءِ مختلف سماجي تنظيمن ۽ صحافين غلام حسين چانگ، رحيم سولنگي، عبدالسميع ڀنڀرو، شمن راڄپر ، جاويد جانوري، صديق سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ کان پري ڪلب تائين هٿن ۾ معصوم نينگر جي تصويرن وارا بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن جي نينگر جي بازيابي جو مطالبو ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button