لاڙڪاڻو

اسان جي حڪومت ۾ چورن ۽ ڌاڙيل کي ختم ڪيو ويندو، نواز شريف

Nawaz Sharif (640x315)لاڙڪاڻو( رپورٽ: بختيار بگٽي)پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراھھ ميان محمد نواز شريف چيو آھي تھ سياست کي عبادت سمجھون ٿا غريب عوام جي خدمت ۽ انھن جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جو منشور آھي. حڪومت 5 سالن ۾ عوام جا بنيادي مسئلا حل ناھن ڪيا اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪيھر برادري جي سربراھھ رضوان احمد ڪيھر جي رھائشگاھھ تي سردار رضوان ڪيھر پاران پاڪستان مسلم ليگ ن ۾ شموليت ڪندي ڪيو .[flowplayer src=’https://indusnews.net/wp-content/uploads/2013/02/LARKAN-NAWAZ-SHAREEF-FHOOTEG.flv’ width=640 height=400 controlbar=show autoplay=true]ھن وڌيڪ چيوتھ حڪومت بجلي جي مسئلي کي بھ حل ناھي ڪرائي سگھي ۽ موجودھ حڪومت ۾ ڊالر تمام گھڻو مھانگو ٿي ويو آھي ۽ پاڪستان کي ترقي بجاءِ تمام گھڻو نقصان رسيو آھي. ھن چيوتھ ڪراچي ۾ رت جي راند ھلي رھي آھي. ۽ ڪيترن ئي جانين جو نقصان ٿي رھيو آھي ھن چيوتھ اسان جي حڪومت ۾ چورن ۽ ڌاڙيل کي ختم ڪيو ويندو ۽ اسان اسان عمل تي يقين رکيون ٿا. ۽ اسان لاڙڪاڻي شھر کي تبديل ڪري ڇڏينداسين ۽ ھن ملڪ جي تقدير ضرور بدلبي جنھن سان پاڪستان کي خوشحالي ملي سگھندي جلسي ۾ رضوان احمد ڪيھر پنھنجي برادري ۽ پنھنجي قبيلي جي ماڻھن سميت باضابطھ مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو اعلان پڻ ڪيو ان موقعي تي نواز ليگ جي اڳواڻن غوث علي شاھھ ، ممنون حسين ، ماروي ميمڻ ، اظھر خان ڪماريو ، بابو سرفراز جتوئي ، لياقت علي جتوئي ، لطف سومرو سميت سوين پارٽي جي ڪارڪنن جلسي ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button