مختصر خبرون

ارڙي کان بچاءَ مھم ختم ٿيندي ئي وري ارڙي ڪر کنيو

سکر (بيورورپورٽ)سنڌ حڪومت پاران ارڙيءَ کان بچاءَ واري مهم ختم ٿيندي ئي ضلعي سکر ۾ ارڙيءَ جي بيماريءَ جي وقفي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر فوتين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، وڌيڪ هڪ ماءُ جي جهولي اُجڙي وئي، ضلع سکر۾ ارڙيءَ سبب فوت ٿيندڙ ٻارن جو تعداد 0 0 1 کان ٽپي ويو، سکر ۾ ارڙيءَ جي بيماري سبب فوت ٿيندڙ ٻارن جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، حڪومتي تمام تر دعوائن جي برعڪس اڄ به سول اسپتال سکر ۾ صالح پٽ جو رهواسي ٽن سالن جو بلال ولد ڪامل ڪانڌرو ۽ روهڙي جو رهواسي ڏهن مهينن جوظهير ولد محبوب ارڙيءَ جي بيماريءَ ۾ پنهنجيون جانيون وڃائي چڪا آهن. واضح رهي ته صرف ضلعي سکر ۾ ارڙيءَ جي بيماريءَ ۾ هن وقت تائين سئو کان به وڌيڪ مائرن جون جهوليون اجڙي چڪيون آهن جڏهن ته صحت کاتي جي طرفان شروع ڪيل ويڪسينيشن مهم اختتام پذير ٿي چڪي آهي ۽ انهن پنهنجو حدف مڪمل ڪري ورتو آهي. ۽ ٻي طرف ڊاڪٽرن جي اهڙي دعوٰائن باوجود ارڙي سبب روزانو فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو انگ نه گهٽجي سگهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button