آرٽيڪل

آبادگارن جو آواز آخر ڪير ٻڌندو؟

غلام حسين چانگ
Pakistani farmers غلام حسين چانگ ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ تائين جيڪي به جمهوري توڙي غيرجمهوري ڌريون اقتدار ۾ آيون آهن انهن ڪڏهن به زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ ڪي به قدم ناهن ڪيا جنهن سبب جي ڪري زراعت جو شعبو ترقي طرف وڃڻ بدران ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندو پيو وڃي. زراعت سنڌ جي ترقي ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿي پر زراعت طرف ڪڏهن به ڪنهن به توجهه ناهي ڏنو. سنڌ ۾ زرعي سڌارن نالي ڪيترائي ڀيرا حڪومتن صرف سکڻا اعلان ڪيا پر انهن تي صحيع معني ۾ عمل اڄ تائين ٿي ناهي سگهيو. جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثر ايم پي اي زميندار آهن. پر انهن به ڪڏهن پنهنجي مسئلي زراعت لاءِ ڪڏهن به ڪابه ٻڙڪ نه ڪڍي آهي. سنڌ ۾ زراعت جو شعبو تباهه ٿي رهيو آهي. اسان هتي وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه جي ضلعي خيرپور جي زراعت بابت ڪجهه حقيقتون ٻڌائڻ چاهيون ٿا. سنڌ جي سڀ کان وڏي ضلعي خيرپور ۾ هر پاسي کان زراعت تباهه آهي. ضلعي جي پڇڙي وارن علائقن ۾ گذريل 10سالن کان نهري پاڻي ناهي پهتو. جنهن ڪري اتان جا آبادگار مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن. ضلعي جي فيض گنج ۽ سوڀوديرو تعلقي جي پڇڙي وارن شاخن ۾ سالن کان پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي. جنهن ڪري اتان جي آبادگارن کي سخت معاشي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته موجوده جمهوري حڪومت قائم ٿي ته ماڻهن ۾ اها اميد پيدا ٿي ته هاڻي هي عوامي جمهوري حڪومت آبادگارن جا مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي پر 5 سال حڪومت پنهنجا پورا ڪري رهي آهي پر آبادگارن جا مسئلا اڃان تائين اتي جو اتي آهن خيرپور ضلعي ۾ هڪ پاسي پاڻي جي شديد اڻاٺ جي ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻيل آهي ته ٻئي پاسي وري اسڪارپ جا ٽيوب ويل ناڪارا هجڻ جي ڪري هڪ لک ايڪڙ زرعي زمين سم جي پاڻي جي ٻوڏ ۾ اچي وئي آهي. سم ايتري ته وڌي وئي آهي جو هاڻي ڳوٺن جا ڳوٺ نه رڳو سم سبب متاثر ٿيا آهن پر قبرستان به سم جي لپيٽ ۾ آيل آهن جنهن ڪري هاڻي ته فوتي دفنائڻ لاءِ به ڪافي مشڪلات جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. خيرپور ضلعي جي اسڪارپ کاتي جي 640 ٽيوب ويلن مان 500 ٽيوب ويل ناڪارا پيل آهن جن مان اڪثر ٽيوب ويل نڍين نڍين خرابين جي ڪري سالن کان بند پيل آهن . جڏهن ته ڪجهه اهڙا ٽيوب ويل آهن جيڪي بور جي فيل ٿي وڃڻ کان پوءِ بند ٿي ويا آهن ايوب خان جي مارشلا واري دور حڪومت ۾ ضلع اندر سم جي خاتمي لاءِ اسڪارپ کاتي پاران ٽيوب ويل لڳايا ويا هئا. ٽيوب ويل لڳڻ کان پوءِ ضلع اندر سم تي مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو پر هاڻي ته اسڪارپ کاتو بيمار کاتو بڻجي ويو آهي ۽ انسولين تي پيو هلي. پر ان باوجود ضلع اندر ٽيوب ويل جي مرمت ڪري انهن کي چالو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران هر مهيني ڏيڍ ڪروڙ جي بجيٽ اچي ٿي جيڪا ٽيوب ويل کي مرمت ڪرڻ جا ڪوڙا ووچر ٺاهي ڪامورا هڙپ ڪري وڃن ٿا. هن وقت ضلع خيرپور جا ٽيوب ويل ناڪارا پيل آهن . اسڪارپ ٽيوب ويل ناڪارا هجڻ ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو ٻه ڀيرا سکر ٻه ڀيرا ڪراچي مرڻ گهڻي تائين بک هڙتال ڪئي. ۽ موجوده حڪومت ۾ به خيرپور ۽ اسلام آباد ۾ چار مهينن تائين ساٿين سان گڏ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي. پر بي حس حڪمرانن ڪامريڊ جي بک هڙتال تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو جنهن ڪري ڪامريڊ غلام رسول سهتو کي نالي واري وڪيل اڳواڻ اعتزاز احسن بک هڙتال ختم ڪرائي. جيتوڻيڪ ڪامريڊ جي بک هڙتال جو سپريم ڪورٽ پڻ نوٽيس ورتو. عوام جي ووٽن تي چونڊجي آيل حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن ڪري هاڻي عوام جو ووٽ ڏيڻ تان ئي ارادو کڄي ويو آهي. هاڻي وري هڪ ڀيرو ٻيهر جڏهن جمهوري حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تي آهي ته خيرپور ضلعي جي آبادگارن تعلقي سوڀوديرو جا 200 سئو ٽيوب ويل ناڪارا هجڻ تعلقي ۾ سم جي اضافي ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف سراپا احتجاج بڻجي کڙا ٿيا آهن. ۽ هنڱورجا ۾ پهرين فيبروري تي سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن جي احتجاج طرف ڪيربه ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر اسڪارپ کاتي توڙي اريگيشن کاتي جي ڪامورن مان سندن وٽ ڪير به ناهي آيو. جڏهن ته چونڊيل نمائدن مان ايم اين اي پير سيد فضل علي شاهه جيلاني ڪئمپ تي اچي آبادگارن کي چيوته اوهان جا مسئلا جائز آهن ۽ حل ٿيڻ تائين ڀلي ويٺا هجو وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته حڪومتي ايم اين اي مسئلا حل ڪرڻ بدران آبادگارن کي احتجاج جاري رکڻ جي صلاح ڏيئي هليو ويو. هاڻي حڪومتي ايم اين اي به ائين چوي ته پوءِ آبادگار ڪهڙي در دانهين ٿين. آبادگارن جي احتجاجي ڪئمپ تي فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه پهچي آبادگارن جي مطالبن جي حمايت ڪندي چيو ته وزيراعلي سنڌ جي ضلعي جا آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن پر حڪومت کي ڪوبه فڪر ناهي جڏهن ته ڪئمپ تي ايم بي عباسي، جمهوري پارٽي جو صدر ڪرم وساڻ، ايس يو پي جي راجه ڀيلار، جسقم جي علي عثمان ميمڻ، سميت اڻ ڳڻيا اڳواڻ يڪجهتي لاءِ پهتا آهن. آبادگارن جي ڪئمپ تي ويٺل ڪانڊيرو خان سهتو، نظر لاِڙڪ، لونگ خان حطار، منظور منڱڻيجو، ممتاز سهتو جي اڳواڻي ۾ هاري ۽ آبادگار روزانو ٽيوب ويل ٺهرايو ، سم جو خاتمو آڻيو، شاخن جي کاٽي ڪرايو جهڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن. پر هنن جي نعرن تي ڪير به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. آبادگار جيڪي رات ڏينهن سردي باوجود ڪئمپ تي ويٺل آهن انهن کي اها اميد آهي ته موجوده جمهوري حڪومت پنهنجي مدت جي آخري هفتي ۾ به مسئلا حل ڪري ڏيندي ۽ هي پرعزم آهن ته پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريون پيا ۽ مسئلا حل ڪرائي پوءِ ئي اٿنداسين . آبادگارن جي ڪئمپ تي جهونو هاري اڳواڻ ڪامريڊ لونگ خان حطار مون کي روزانه چوندو آهي ته مان پنهنجي عمر ۾ موجوده حڪومت جهڙي بي حس حڪومت ڪڏهن به ناهي ڏٺي. پر ان باوجود حوصلا بلند آهن. آبادگارن جا مسئلا حل ڪير ڪندو ۽ ڪڏهن ڪندو، اهو ته وقت ٻڌائيندو پر اسان هي ضرور چونداسين ته وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه جي ضلعي جا آبادگار مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. سيد قائم علي شاهه به ڪجهه هفتن کان پوءِ انهي ڪرسي کان لهي جڏهن ٻيهر عوام وٽ خاص طور تي پنهنجي ضلعي جي ماڻهن وٽ ويندو ته ماڻهو ضرور سيد کان پڇاڻو ڪندا. هاڻي درگزري وارو زمانو هليو ويو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ عوام سوچي سمجهي ڪاسٽ ڪندو. اسان آبادگارن جي حوصلي کي به سلام پيش ڪريون ٿا. جيڪي مسلسل احتجاج ڪري انڌن، گونگن ۽ ٻوڙن حڪمرانن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ سخت احتجاج ڪري پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن.
غلام حسين چانگ صدر پريس ڪلب هنڱورجا
03003139603. ghchang34@yahoo.com

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button