سکر

پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کان آفرليٽر نه ملڻ جي خلاف انوکو احتجاج

PST candidatesسکر(بيورورپورٽ)سنڌ يونيورسٽي پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کان آفرليٽر نه ملڻ جي خلاف سکر پريس ڪلب جي آڏوسوره ياسين پڙهي دعا گهري ته حڪمرانن کي ايمان ڏي ۽ انهن جي دلين ۾ اسان لاءِ رحم پيدا ڪرڻ جي دعا گهري وئي، پي ايس ٽي ٽيسٽ اميدوارن رشيد احمد چنه، محمد ابراهيم عباسي ۽ ٻين جي قيادت ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان 2008 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪئي هئي پر اڃان تائين تعليم کاتي پاران آفرليٽر نه ملڻ ڏنا ويا آهن نوڪري جي لاءِ اسان احتجاج ڪندي ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن پر اڃان تائين آفر ليٽر فراهم نه ڪيا ويا آهن هنن ٻڌايو ته تعليم کاتي جي ڪرپٽ آفيسرن پنهنجي من پسند ماڻهن کي رقم جي عيوض آفر ليٽر ڏئي رهيا آهن اسان غريب آهيون اهل خانه نوڪري جي آس وڃائي ويٺا آهن هنن صدر پاڪستان، وزير اعظم، وزير اعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي آفر ليٽر جي عدم فراهمي تي نوٽيس وٺندي اسان کي نوڪري ڏني وڃي ته جيئن اسان پنهنجي گهرن جي ڪفالت ڪري سگهون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button