مختصر خبرون

پينشن ۽ ڇهن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن طرفان تالا بندي

سکر: ميونسپل ڪارپوريشن سکر سٽي پاران 8 مهينن کان پينشن ۽ ڇهن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن ۽ آفيسرن جي وڏي تعداد آفيسن جي تالابندي ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي ۽ ايڊمنسٽريٽر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي وئي، مظاهري جي اڳواڻي اسٽاف ورڪرز يونين جي صدر گلبهار شيخ، علي مردان شيخ ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، ان موقعي تي مزدور اڳواڻن جو چوڻ هو ته آفيسرن جي غفلت سبب اسان کي اڃان تائين پگهارون جاري نه ڪيون ويون آهن جنهن جي ڪري اسان جي گهرن ۾ فاقه ڪشيءَ جي نوبت اچي پهتي آهي، احتجاج ۾ شامل ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن سکر سٽي جي ريٽائرڊ ملازمن ٻڌايو ته اسان کي 8 مهينن کان پينشن نه ملي آهي، جنهن جي ڪري گهر جي ڪفالت ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، اسڪولن جون فيون جمع نه ڪرائڻ جي ڪري اسان جا ٻار تعليم جي حصول کان پري ٿيندا پيا وڃن، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پينشن ۽ پگهارون جا ري ڪيون وڃن ته جيئن هو پنهنجي ٻارن کي فاقن کان بچائي سگهن، هنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي پگهارون ۽ ريٽائرڊ ملازمن کي پينشن ادا نه ڪئي وئي ته ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button