رانديون

مورو: مرحوم غلام مصطفى خان جتوئي جي ياد ۾ هڪ هفتو بيڊ مينٽن ٽورنامينٽ منعقد ڪرائي وئي

Moro Bedmintonمورو: مورو شهر جي مهراڻ سٽيزن ڪلب ۾ اڳوڻي نگران وزير اعظم مرحوم غلام مصطفى خان جتوئي جي ياد ۾ هڪ هفتو بيڊ مينٽن ٽورنامينٽ منعقد ڪرائي وئي جنهن جو افتتاح نگران وزير اعظم مرحوم غلام مصطفى خان جتوئي جي فرزند ايم پي اي مسرور احمد خان جتوئي ڪيو هن ٽورنامينٽ ۾ چاليھ ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جڏهن ته ونر ٽيم لاءِ روڪ انعام ۽ وڏي ٽرافي ڏني ويندي هن ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ رئيس مسرور احمد خان جتوئي چيو ته صحتمند ماحول لاءِ رانديون تمام ضروري آهن نوجوانن کي گهرجي ته تعليم کانپوءِ اجايو وقت گذارڻ بجاءِ راندين ۾ جصو وٺن ان سان سٺي راند جي ڪري ٿو جو ان سان براين کان بچي سگهندا ۽ ملڪ ۽ سنڌ جو نالو دنيا ۾ روشن ڪندا هن وڌيڪ چيو ته ٻهراڙين ۾ نوجوانن ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي حڪومت کي گهرجي ته راندين بابت نوجوانن جي اصلاح ڪن، ان کان علاوه ايس ڊي ايم ولي محمد بلوچ چيو ته راند ئي انسان جي صحت آهي راند ڪرڻ سان انسان عضوا کلن ٿا ۽ ذهن فريش رهي ٿو مان اڳ نوابشاھ ۾ ڪافي نوجوانن جي لاءِ راندين جا گرائونڊ حڪومت کان ٺهرائي ڏنا آهن ۽ هاڻ مان مورو شهر جي نوجوانن لاءِ به اها ڪوشش ڪندس ته جيئن هتي به راندين جا گرائونڊ ٺهرايا وڃن جنهن تي نوجوان آساني سان راند ڪري سگهن، ان موقعي تي عرفان عباسي، سردار وڪيل مير ممد سولنگي، فقير غلام رسول ميمڻ، اسد سولنگي، توفيق ملڪ، عمران ميمڻ، انور ميمڻ، نظر محمد ميمڻ، محمد اسلم آرائين، اسلم عباسي، عبدالحفيظ شيخ، شبير ملڪ، ڊاڪٽر وجھ دين ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، علي شير ڏيپر، عبدالسلام آرائين، وحيد رزاق مستوئي، حاجي احمد نواز کوسو، محمد ياسين ٻگهيو، امجد آرائين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button