سکر

معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ نوجوانن کي معياري تعليم فراهم ڪئي وڃي، نثار صديقي

SCHOLAR SHIP TAQREEBسکر(بيورورپورٽ) آءِ بي اي سکر جي ڊائريڪٽر نثار احمد صديقي چيو آهي ته معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ نوجوانن کي معياري تعليم فراهم ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ استادن کي سخت محنت سان گڏو گڏ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جنهن بعد بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. اهڙي خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج سکر ۾ بيورو آف ڪيوريڪيولم ونگ ڄامشوو ۽ سنڌ ايليمينٽري ٽريننگ پروگرام تحت اسڪالر شپ ايوارڊ ۽ چيڪ تقسيم ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي بهتر تعليم جي فراهمي جي سخت ضرورت آهي ان سلسلي ۾ استاد جو ڪردار ڪرنگي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن استادن کي پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ کي آسان ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان جي ملڪ جو مسقبل انهن نوجوانن جي هٿ ۾ آهي جيڪڏهن اسان جي ملڪ جا نوجوان تعليم يا فته هوندا ته اسين ترقي ڪنداسين. هن چيو ته ٻاهريان ملڪ اسان جي ملڪ ۾ تعليم جي واڌ ۾ دلچسپي رکن ٿا انهيءَ ڪري اسان کي وڌيڪ سخت محنت ڪرڻي پوندي هن بيروزگاري جي خاتمي لاءِ چيو ته معاشرو پڙهيل لکيل هوندو ته بيروزگاري پاڻ ئي ختم ٿي ويندي. هن استادن کي مشورو ڏيندي چيو ته هو پڙهائڻ ۾ سنجيدگيءَ ۽ دلچسپي وٺن ته جيئن تبديلي آڻي سگهجي. ان موقعي تي ايسوسئيٽ ڊگري ايجوڪيشن ۽ بي ايڊ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 20، 20 هزار روپين جا چيڪ ورهايا ويا. تقريب کي ڊاڪٽر زبير احمد شيخ، اصغر علي، امداد حسين ڪلوڙ، شاهنواز جويو، عبدالله منڳريو، عبدالرحيم مهر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button