سنڌ هڪ قديم ۽ تاريخي ثقافت رکندڙ خطو آهي، آمريڪي قونصل جنرل
خيرپور: آمريڪي قونصل جنرل مائيڪل جي ڊاڊمين چيو آهي ته سنڌ هڪ قديم ۽ تاريخي ثقافت رکندڙ خطو آهي کيس ڪوٽ ڏجي قلعو گهمي ڪري کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ هتان جي عظيم صوفي شاعرن جو پيغام دنيا اندر ڀائيچارو ۽ عالمي امن قائم ڪرڻ آهي. هن اهڙو اظهار ڪوٽڏيجي قلعي جي دوري دوران ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪي حڪومت پاران پاڪستان کي هر ممڪن سهڪار ڪيو آهي ۽ ملڪ اندر صحت ۽ تعليم جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن. آمريڪي قونصل جنرل چيو ته سنڌ اندر جيڪب آباد ۾ آمريڪا جي تعاون سان جديد سهولتن واري اسپتال قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته تعليم جي شعبي ۾ صوبي اندر مختلف تعليمي ادارن جي سهڪار سان استادن کي تربيتي ڪورس ڪرايا پيا وڃن ته جيئن هتان جي تعليم جو معيار بهتر ٿي سگهي. هن چيو ته سنڌ اندر تمام گهڻا قديمي ۽ تاريخي ماڳ آهن جن ۾ موئن جو دڙو ۽ ڪوٽڏيجي خاص طور تي نمايان آهن جڏهن ته 6 مهينا اڳ آمريڪي حڪومت پاران ڪراچي ۾ قونصل جنرل جي مقرري کانپوءِ کيس صوبي جي مختلف قديمي ماڳن جي کيس بريفنگ ڏني وئي جنهن کانپوءِ کيس خيرپور ضلعو ۽ خاص طور تي ڪوٽڏيجي قلعو گهمڻ لاءِ کيس شوق پيدا ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي حڪومت پاران صوبي جي قديمي ۽ ثقافتي ورثي جي سار سنڀال لاءِ پڻ لاڳاپيل صوبائي حڪومت جي کاتي کي ڀرپور مالي مدد ڏيارڻ جو يقين ڏياريو. هن ڪوٽڏيجي قلعو گهمڻ ۽ خاص طور تي ضلعي انتظاميه پاران سندس مان ۾ ڏنل شاندار آجياڻي ۽ صوفي راڳ جي محفل منعقد ڪرڻ تي کين شُڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڪئپٽن انوار الحق ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي رياض حُسين وساڻ آمريڪي قونصل جنرل مائيڪل جي ڊاڊمين ۽ ساڻس گڏ آيل امريڪي سفارتخاني اسلام آباد جي پوليٽيڪل قونصل جوناٿن وولفنگٽن ۽ ٻين کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙيون اجرڪ ۽ ٽوپيون پيش ڪيو جڏهن ته کين خيرپور جي تاريخ بابت ضلعي انتظاميه پاران شايع ڪرايل ڪتاب خيرپور ڪرائون اينڊ جوويل آف سنڌ پڻ سوکڙي طور ڏنو ويو. جڏهن ته آمريڪي قونصل پاران ضلعي انتظاميه جي آفيسرن ڪئپٽن انوار الحق، رياض حسين وساڻ ۽ ضلعي اطلاعات آفيسر خيرپور صاحب خان ڀنڊ کي آمريڪي تحفا پڻ ڏنا.