سکر

سنڌ فاريسٽ ورڪرز ويلفيئر ايسوسي ايشن طرفان ٻئي ڏينهن به مظاهرو

Forest employeesسکر(بيورورپورٽ)سنڌ فاريسٽ ورڪرز ويلفيئر ايسوسي ايشن طرفان ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري کي صدر محمود گهمرو، شمس کوسو، نهال چانڊيو، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جيستائين ٻيلي کاتي جي ڪرپٽ آفيسرن ۽ سيڪريٽري فاريسٽ چيف ڪنزرويٽر، ڊپٽي سيڪريٽري کي هٽائي انهن خلاف قانوني ڪاروائي نه ڪئي ويندي تيسيتائين اسان جي اها احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، انهن چيو ته ڪرپٽ آفيسرن ٻيلي کاتي جي قانون کي پاسيرو ڪندي پنهنجا هٿ ٺوڪيا قانون ٺاهي، ٻيلي کاتي کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي، هنن چيو ته ڪرپٽ آفيسرن 1 هزار روپين جي ڏنڊ جي ر سيد ڏئي ڪري چورن کي ساٿاري بڻائي ٻيلا تباهه ڪري ڇڏيا آهن ۽ سرڪاري خزاني کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچايو آهي، سرڪاري زمينون پنهنجي من پسند ماڻهن جي نالن تي الاٽ ڪرائي قيمتي وڻ وڍرائي ڪري زمينون ۽ ٻيلا تباهه ڪري ڇڏيا آهن، آخر ۾ هنن صدر، چيف جسٽس سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٻيلا ۽ زمينون تباهه ڪندڙ ۽ قومي سرمايو دولت لٽيندڙ بد عنوان راشي ۽ ڪرپٽ آفيسرن خلاف تحقيقات ڪرائي سندن عهدن تان هٽائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button