جيئي سنڌ محاذ جي پاران ٻٽي نظام خلاف مظاھرو
سکر(بيورورپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي سنڌ ۾ نام نهاد ٻٽي بلدياتي نظام خلاف سکر پريس ڪلب سامهون پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري خان محمد ڀيو، سيد نواز شاهه ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جساف اڳواڻ عمران منگي، ضلعي اڳواڻن نصير گوپانگ، ڪامريڊ امام الدين محمداڻي سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي رياض چانديو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مٿان بلدياتي نظام جي نالي ۾ زرداري ۽ الطاف گڏجي سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ ۽ قومي وجود کي ختم ڪرڻ جو ايڪٽ پاس ڪرايو آهي، جنهن تي سيپٽمبر کان وٺي اڄ تائين سنڌ جا ماڻهو واضع فيصلو ڏئي چڪا آهن ته اهڙي ڪاري قانون کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، زرداري ٽولي ۽ دهشتگرد مافيا پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ ۽ سنڌ جي ڦرلٽ کي جاري رکڻ لاءِ سنڌ جو مستقبل خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ ان ڪاري قانون کي قبول نه ڪنداسين ۽ هر حالت ۾ ان سنڌ دشمن قانون کي حڪمرانن کي واپس وٺڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سنڌ جا حلالي فرزند اهڙو رد عمل ڏيکاريندا جنهن جو اسٽيبلشمينت تصور به نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته 7 4 کان وٺي مختلف نعرن جي آڙ ۾ سنڌ کي لٽيو، ڦريو، چچريو ۽ چيڀاٽيو ويو آهي ۽ هاڻي سنڌ جي جاگرافيءَ سان هٿ چراند ڪندڙ ٻُڌي ڇڏين ته هينئر سنڌ سجاڳ ٿي چڪي آهي ۽ اهي ڦورو قوتون پنهنجو قبلو درست ڪن. هن وڌيڪ چيو ته قانون جا عالم چون ٿا ته هي ٻٽو نظام جهالت جو نظام آهي، پر هي جاهلن جا امام حڪمران اقتدار جي نشي ۾ بدمست ٿي هوڏ تان نٿا لهن، هنن کي سنڌ جي تاريخ پڙهڻ گهرجي ته سنڌ وطن فروش غدارن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، هن موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ کي بک، بيروزگاري، بدحالي ۽ بدامنيءَ جي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، بي حس، بي ايمان ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري سوين معصوم ٻار ارڙي وڳي مري چڪا آهن پر حڪمرانن کي ڪا به پرواه نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻٽي بلدياتي نظام خلاف مسلسل جدوجهد هلائي ويندي ان سلسلي ۾ 7 2 فيبروري 3 1 0 2 ع تي حيدرآباد ٽول پلازه وٽ ڌرڻو هڻي بند ڪيو ويندو.