ڪراچي

اقتداري ٽولي عوام کي بک، بيروزگاري، مهانگائي، ارڙي ۽ ٻوري بند لاشن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو. ڊاڪٽر معراج الهدى

Miraj Hudaڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته درست ووٽر لسٽون صاف ۽ شفاف چونڊن جي ضمانت آهن. ڪراچي ڌرڻي کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته پوءِ ان احتجاج جو دائرو ضلعي سطح تائين وڌايو ويندو. هن گهر ڪئي ته تاخيري حربن بجاءِ بروقت چونڊن کي يقيني بنائڻ لاءِ چونڊ شيڊول جاري، آئين ۽ قانون موجب نگران سيٽ اپ قاعم ڪرٿ بي يقيني واري ڪيفيت کي ختم ڪيو وڃي. ڪارڪن چونڊن جي تياري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ قباءِ آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي مجلس شورى جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال، ووٽر لسٽ، مڪاني نظام ۽ ٻين تنظيمي مامرن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي پنهنجي اصولي سياست ۽ نظرياتي سڃاڻپ هيٺ ڌرتي دوست ۽ جمهوري پارٽين سان گڏجي ڪري چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي، اسٽيبلشمينٽ هميشه من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ، ڏاڍ ۽ ڌانڌليءَ ذريعي عوامي راءِ کي هاءِ جيڪ ڪيو آهي پر هن ڀيري بليٽ بجاءِ بلٽ تي يقين رکڻ وارن سميت اسٽيبلشمينٽ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ ڪونه ڏنو ويندو. هن چيو ته اقتداري ٽولي پنهنجي پنجن سالن واري دور ۾ سنڌ جي عوام کي بک، بيروزگاري، مهانگائي، ارڙي ۽ ٻوري بند لاشن جي تحفن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو. اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ ته پري رهيو پر حڪمرانن ويتر غريب عوام کي ماني ڳڀي کان به محروم ، اٽو 45 رپيا ڪلو ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button