مختصر خبرون

ھنڱورجا: ڳوٺاڻن جوبجلي جي ٽرانسفر لاء مظاھرو

هنڱورجا جي ڳوٺ علي محمد چانگ جو بجلي جو سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو نثار احمد شنباڻي، رفيق احمد ، محرم بڙدي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنڱورجا محرابپور لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هينو ويو. مظاهرين سيپڪو عملدارن جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن الزام لڳايو ته 3 مهينن کان ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي جيڪو تبديل نٿو ڪيو وڃي . ان باوجود هر مهيني ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا جيڪا وڏي نا انصافي آهي . هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جو نئون ٽرانسفارمر لڳائي ڳرا بل موڪلڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button