مختصر خبرون

ھنڱورجا: جسمم ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري نثار سيال جي بازيابي لاءِ وارث عورتن جو سمي ۾ احتجاجي مظاهرو

هنڱورجا: جسمم ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري نثار سيال جي بازيابي لاءِ وارث عورتن جو سمي ۾ احتجاجي مظاهرو، تفصيل موجب 15 مهينا اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل جسمم ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري نثار احمد سيال جي بازيابي لاءِ وارث عورتن جو سمي شهر ۾ مسمات حاڪم زادي سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نثار سيال جي آزادي جا نعرا لڳايا . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين الزام لڳايو ته 15 مهينا اڳ جکراڻي برادري جي ماڻهن نثار سيال کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو ڪيس سوڀوديرو ٿاڻي تي پڻ داخل آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا وڏي نا انصافي آهي . هنن چيو ته نثار سيال کي فور طور تي بازياب ڪرائي جوبدارن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي . هنن چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي نثار سيال کي بازياب ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button