مختصر خبرون

ڪچي بندر جي متاثرين جو هڪ هنگامي اجلاس

سکر(بيورورپورٽ)ڪچي بندر جا متاثرين هڪ هنگامي اجلاس اصلاح الدين شيخ جي زير صدارت منعقد ٿيو اجلاس ۾ متاثرين ڪچي بندر جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ خطاب ڪندي اصلاح الدين شيخ، ڪامران راجپوت، شاهد خان، ۽ ٻيا چيو ته احتجاج جي باوجود هڪ عرصي گذري ويو آهي پر متاثرن ڪچي بندر کي اڃان تائين ڪوئي معاوضو نه ڏنو آهي ڪچي بندر تي من پسند ماڻهن کي پلاٽ الاٽ ڪيو پيو وڃي پلاٽ الاٽ جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سان به ملاقات ڪئي ۽ ان اسان کي پلاٽ ڏيارڻ جي يقين ڏياريو پر هڪ عرصي گذرڻ جي باوجود پلاٽ تي تعميراتي ڪم جاري آهي هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪچي بندري جي متاثرين کي فوري معاوضو جي ادائيگي جي هدايت ڪئي وڃي ۽ سيلاب جي نالي تي متاثرين کي بيدحل ڪري اتي من پسند افراد جي پلانٽ الاٽ ڪرڻ جو نوٽيس ورتو وڃي ڪچي بندر جي لاءِ ايندڙ رمق جي کڙد بڙد جي تحقيقات ڪرائي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button